22 خميس , جون 2017

خاص رپورٽ | ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - ننڍي کنڊ جو وڏو ماڻهو

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو جنم موهن جي ڌڙي ڀرسان ڳوٺ ٻنڊي ۾ 3 مئي 1920 ع ۾ ٿيو،لاڙڪاڻي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي شانتي نڪيتين ۾ رابندر ناٿ ٽيگور جي شاگردي هيٺ پڻ رهيو،عظيم استاد جي تريبت هڪ عظيم انقلابي کي جنم ڏنو جنهن کي سندس استاد ٽيگور مين آف موهن جو ڌڙو سڏيندو هو جنهن اڳتي ننڊي کنڊ ۾ سياسي سڃاڻپ ۽ مڃتا حاصل ڪئي،هن 21 سالن جي عمر ۾ شانتي نڪتين مان واپسي تي ڪراچي ۾ قانون جي شعبي ۾ داخلا وٺي شاگرد سياست ۾ پير پاتو، ڪامريڊ سوڀو ننڊي کنڊ جي ڪميونسٽ تحريڪ جي سڀ کان معتبر نالن مان هڪ هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي،حسن ناصر، سائين جي ايم سيد جو سياسي رفيق پڻ هو. هن پنهنجي سياست جي شروعات ڪميونسٽ اڳواڻ پنا لعل داس گپتا جي خيالن ۽ ٿامس مور جي لکڻين کان متاثر ٿي ڪئي،گانڌي،نهرو ايم اين راءِ جي لکڻين کان متاثر پڻ رهيو.حشو ڪيولراماڻي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري کيس سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.جنهن دور ۾ ڪامريد سوڀي شاگرد سياست ۾ پير پاتو،اهو دور ٻين جنگ عظيم جي ڪري ڏيهي توڙي عالمي سطح تي اٿل پٿل وارو دور هيو.1942 ۾ هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ ۾ سرگرميون ڪرڻ سب مٿس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، جيل وڃڻ سبب تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو.انهي عرصي ۾ ميٺارام هاسٽل تي جڏهن شاگردن کي ليڪچر ڏيندي گرفتار ڪيو ويو.1954ع ۾ حڪومت ڪميونسٽ پارٽي کي غير قانوني قرار ڏئي مٿس بندش وڌي وئي،جنهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪامريڊ سوڀي کي گرفتار ڪيو ويو.جنهن کان پوءِ مسلسل ڪامريڊ سوڀي کي ڪڏهن نظربند رکيو ويو ته وري ڪڏهن جيل جي ڪال ڪوٺڙِين حوالي ڪيو ويو.جيل اندر ڪامريڊ سوڀي سان جن سياسي اڳوڻن جون ملاقاتون ٿيون انهن اڳواڻن ۾ ڪامريڊ حسن ناصر،سائين جي ايم سيد گوبند مالهي،ڪيرت ٻاٻاڻي ،عبدلستار شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي سياسي اڳوڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز | نيوز بليٽن پنجون

پاڪستان سمورن تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهمشند آهي: عبدالباسط افغانستان هر ڪارروائي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي