16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017
نڪور خبرون

پاڪستان ۽ روس جي اسپيشل فورسز ۾ گڏيل فوجي مشقون شروع

راولپنڊي/ ماسڪو  ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ۽ روس جي اسپيشل فورسز جون 15 ڏينهن واريون گڏيل فوجي مشقون شروع ٿي ويون آهن.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ۽ روس جي اسپيشل فورسز جي گڏيل فوجي مشقن جي روس ۾ شروعات ٿي وئي آهي. گڏيل مشقن جي افتتاحي تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي اسپيشل فورسز جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پاڪ روسي فوجي مشقن کي دروزبا يعني دوستي 2017ع جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جو وقت ٻن هفتن تي ٻڌل آهي. گڏيل مشقن ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي، يرغمالين جي جي آزادي ۽ سرچ آپريشن جون مشقون ڪيون وينديون. گڏيل مشقن سان ٻنهي ملڪن جي فوجي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي تجربن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آپريشن رد الفساد: ملڪ جي مختلف علائقن مان 21 دهشتگرد گرفتار، هٿيار ۽ بارود هٿ: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد تحت 21 دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے