16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017
نڪور خبرون

شريف خاندان الله جي پڪڙ ۾ آهي، اهڙي سزا ملندي جو ماڻهو هزار ڀيرا سوچيندا: پرويز الاهي

گجرات( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته شريف خاندان الله جي پڪڙ ۾ آهي، اهڙي سزا ملندي ته جو ماڻهو هزار ڀيرا سوچيندا. گجرات ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پرويز الاهي چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله ماڊل ٽائون ۾ 14 ماڻهن جو رت وهايو کين اهڙي سزا ملي جو تاريخ ۾ لکي وڃي.هن چيو ته حڪمرانن کي 25 سالن کان لڪڻ جي جاءِ نه ملي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پاناما ليڪس ۾ ٻار جي بيانن کانپوءِ نواز شريف خلاف شاهدي ٺهندي وئي. پرويز الاهي چيو ته نواز شريف ٻارڙن کي پڙهايو ته ٽي وي تي اچي چئو ته اسان جي ملڪيت آهي، اها ئي ڳالهه شاهدي بڻجي وئي. هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم جتي وڃي ٿو اتي چور چور جانعرا لڳي ويندا آهن ۽ مون کي ڇو ڪڍيو هاڻي نئون نعرو بڻجي ويو آهي، سڄي ملڪ کي خبر پئجي وئي آهي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو آهي. پرويز الاهي چيو ته حڪومت سموري پنجاب جي بجيٽ لاهور تي لڳائي ڇڏي آهي، مريض رلي رهيا آهن، اسپتالن ۾ ڪو به حال پڇڻ وارو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آپريشن رد الفساد: ملڪ جي مختلف علائقن مان 21 دهشتگرد گرفتار، هٿيار ۽ بارود هٿ: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد تحت 21 دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے