22 آچر , آڪٽوبر 2017

شاهه رخ خان جي مشهور فلمن جو ڊائريڪٽر عورت سان لڄالٽ جي الزام ۾ گرفتار

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي ڪامياب ترين فلم ‘‘چنائي ايڪسپريس’’ جي پروڊيوسر ڪريم موراني کي 25 سالن جي عورت ساان لڄالٽ ڪرڻ جي الزام ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارت ۾ عورتن سان زوري ۽ تشدد جا واقعا ته عام آهن، مشهور ٿيڻ ۽ اداڪارا بڻجڻ جي خوابن ۾ ممبئي ايندڙ اڪثر ڇوڪريون فلم پروڊيوسرن ۽ هدايتڪارن جي درندگي جو نشانو بڻبيون آهن، ماضيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون آيا آهن، ويجهر ۾ ئي هڪ ٻيو واقعو به سامهون آيو آهي جنهن  ۾ باليووڊ ڪنگ شاهه رخ جي ڪامياب ترين فلم ‘‘چنائي ايڪسپريس’’ جي پروڊيوسر ڪريم موراني اداڪار بڻجڻ لاءِ ممبئي آيل هڪ 25 سالن جي ڇوڪري کي بليڪ ميل ڪرڻ سان گڏ لڄالٽ جو نشانو بڻايو. ڀارتي ميڊيا مطابق زيادتي جو شڪار بڻيل ڇوڪري ڪريم موراني تي الزام لڳائيندي چيو ته موراني وٽ سندس ڪجهه ذاتي تصويرون هيون جنهن کي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندي موراني هن  کي ڪيترائي دفعا زيادتي جو نشانو بڻايو، ڇوڪري جي بيان تي پوليس حيات نگر ۾ واقع موراني جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو هو ۽ سيڪش 376 تحت زيادتي، 506 تحت ڌمڪي ڏيڻ، هراسان ڪرڻ ۽ ڌوڪو ڏيڻ جا دفعا لڳايا، موراني کي ڇنڇر واري ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت تمام شاهدن ۽ ثبوتن کي ٻڌڻ بعد موراني جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت رد ڪري ڇڏي. زيادتي جو نشانو بڻيل ڇوڪري دهلي مان بيچلر آف مينيجمينٽ جي ڊگري حاصل ڪري چڪي آهي ۽ هوءَ ممبئي ۾ بطور ٿيٽر آرٽسٽ ڪم ڪندي هئي. واضح رهي ته موراني شاهه رخ خان جو ويجهو دوست به آهي، هو ساڻس ڪيترون ئي فلمون پروڊيوس ڪري چڪو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”ڊر“ مان گهڻا سوال ڪرڻ سبب ڪڍيو ويو هو: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي ڪامياب فلم ”ڊر“ ته سڀني کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي