20 خميس , سيپٽمبر 2018

ويرات سان گڏ ڪنهن به قسم جي ڀائيواري نه پئي ڪريان: انوشڪا شرما

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما پنهنجي ويجهي دوست ويرات ڪوهلي سان گڏ ريسٽورنٽ کولڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. انوشڪا ۽ ڀارت ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي وچ ۾ ويجهڙايون ڪنهن کان به لڪيل نه آهن، ٻنهي ڊگهي عرصي کان هڪ ٻئي سان گڏ آهن، ڀارتي ميڊيا مطابق ٻنهي پنهنجي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان گڏ بزنس ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ ان لاءِ ٻنهي ممبئي ۽ نئين دهلي ۾ گڏيل جائيداد خريد ڪئي هئي. رپورٽن مطابق ٻنهي گڏجي ممبئي جي علائقي وورلي ۽ نئين دهلي ۾ ريسٽورنٽ کولڻ جي حڪمت عملي جوڙي هئي، پر هاڻي انوشڪا شرما اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرون افواهن کان سواءِ ڪجهه به نه آهن هوءَ ۽ ويرات ڪوهلي ريسٽورنٽ نٿا کولين ۽ نه ئي هنن جو مستقبل ۾ اهڙو ڪوبه ارادو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اهڙيون خبرون اچي رهيون هيون ته انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي گڏجي ريسٽورنٽ کولي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے