22 آچر , آڪٽوبر 2017

شاهد آفريدي جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي، نيئن ٽيم ۾ محمد عامر سان گڏ کيڏندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) شاهد آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڍاڪا ڊائنامائيٽس جو حصو بڻجندو. فاسٽ بالر محمد عامر ان جو ساٿ نڀائيندو جيڪو آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي کانپوءِ پهريون ڀيرو ايڪشن ۾ نظر ايندو. بنگلاديش پريميئر ليگ جي پنجين ايڊيشن 3 نومبر تي شروع ٿيندي، جنهن ۾ ڪيترائي پاڪستاني رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. پريميئر ليگ ۾ ڪيترائي پاڪستاني رانديگر شامل ٿيندا جن ۾ محمد سميع، اسامه مير، رضا علي ڊار، محمد عامر، شاهد آفريدي، شاهي شاهه آفريدي، شعيب ملڪ، حسن علي، مصباح الهق، ياسر عرفات، رومان رئيس، فهيم اشرف، بابر اعظم، شاداب خان، سرفراز احمد، عمران خان جونيئر ۽ غلام مدثر خان شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل ٿري ۾ چيني ڪرڪيٽر به کيڏندا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپرليگ لاءِ پشاور زلمي چيني ڪرڪيٽر جيان لي ۽ يوفي زانگ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي