22 آچر , آڪٽوبر 2017

هاڻي ٽيسٽ ميچ 4 ڏينهن جي ٿيندي، آءِ سي سي غور ڪرڻ شروع ڪري ڏنو

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) چار ڏينهن ٽيسٽ ميچ جو خواب حقيقت بڻجڻ جي ويجهو آهي. ڏکڻ آفريقا ڪرڪيٽ بورڊ جي درخواست تي زمبابوي سان چئن ڏينهن تي مشتمل مقابلي کي آءِ سي سي طرفان ٽيسٽ اسٽيٽس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. البته ان کي ”آزمائشي مشق“ طور ئي تصور ڪيو ويندو. پورٽ ايلزبٿ ۾ 26 ڊسمبر تي شيڊول ميچ تي پروٽيز بورڊ جي درخواست تي ايندڙ مهيني آڪلينڊ ۾ شيڊيول آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ ۾ وڌيڪ غور ڪيو ويندو، ڊگهي فارميٽ کي وڌيڪ متحرڪ ۽ پرڪشش بڻائڻ لاءِ 4 ڏينهن تائين محدود ڪرڻ جي تجويز ان کان پهريان به اڳيان اچي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل ٿري ۾ چيني ڪرڪيٽر به کيڏندا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپرليگ لاءِ پشاور زلمي چيني ڪرڪيٽر جيان لي ۽ يوفي زانگ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي