22 آچر , آڪٽوبر 2017

گيل فٽ ٿي ويو، انگلينڊ خلاف ٽين ميچ کيڏندو

برسٽول (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ٽيم جي بهترين بيٽسمين ڪرس گيل کي انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ شامل ٿيڻ لاءِ فٽنس ڪارڊ ملي ويو آهي. گيل ٻي ون ڊي کان اڳ هيمسٽرنگ انجري ۾ مبتلا ٿي ويو هو جنهن سبب ان جي ٽين ون ڊي ۾ شرڪت غير يقيني صورتحال جو شڪار هئي. ويسٽ انڊين ٽيم مينيجمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته ڊاڪٽرن ٻڌايو آهي ته اسڪين جي رپورٽ ۾ ڪا به ڳڻتي جوڳي انجري نه آئي آهي ۽ گيل ٽين ون ڊي کيڏڻ لاءِ مڪمل طور فٽ آهي ۽ گيل هاڻي ٽين ون ڊي ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪندو . انگلينڊ جي ٽيم کي 1-0 تان سرسي حاصل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل ٿري ۾ چيني ڪرڪيٽر به کيڏندا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپرليگ لاءِ پشاور زلمي چيني ڪرڪيٽر جيان لي ۽ يوفي زانگ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي