11 پیر , دسمبر 2017

ڪرپٽ حڪومت ملڪ کي نقصان ۽ هڪ ڪٽنب کي فائدو پهچائي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان سينيئر قانون داد بابر اعواڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ قانوني معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن طرفان پارٽي فنڊنگ جي تفصيلن جي حوالي سان موڪليل شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ بني گالا ۾ ٿيل ملاقات لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته ڪرپٽ حڪومت ملڪ کي نقصان ۽ هڪ خاندان کي فائدو پهچائي رهي آهي، اسان ملڪ جو عالمي وقار بحال ڪنداسين. ملاقات ۾ بابر اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ ادارا مضبوط ڪيا ۽ آئين جي مالڪي ڪئي، ڪرپٽ مافيا کي قانون پويان لِڪڻ نه ڏينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن 30 مارچ کان اڳ اقتدار کان ٻاهر هوندي: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے