11 پیر , دسمبر 2017

ڊينگي کان بچاءَ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: پرويز خٽڪ

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته ڊينگي کان بچاءَ لاءِ شهرين ۾ لوشن ورهائي رهيا آهيون، نومبر کان مارچ تائين ڊينگي کان بچاءَ لاءِ ڀرپور مهم هلائي ويندي. نوشهرا ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته ڊينگي کان بچاءَ لاءِ ٽيمون گهر گهر وڃي رهيون آهن، هڪ لک کان وڌيڪ گهرن ۾ اسپري ڪري چڪا آهيون، ان مهم ۾ وڌيڪ تيزي آڻي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ڪرپٽ حڪمرانن قومي وسيلن جي لُٽ مار ڪري محل ٺاهي ڇڏيا، اڳوڻن حڪمرانن سدائين ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، جنهن سبب عوام مسئلن جو شڪار آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن 30 مارچ کان اڳ اقتدار کان ٻاهر هوندي: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے