21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

اسان کي ڏوهاري چوندڙ وزيراعظم جي سڄي ڪٽنب کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ماڻهو پنهنجون پارٽيون ڇڏي اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، اها ترقي جي رفتار جي نشاندهي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته 1968 ڪارڪن ۽ ذميوار پي ايس پي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، جن مان 919 جو واسطو ايم ڪيو ايم سان آهي، 55 ماڻهو ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ 97 پيپلز پارٽي جا آهن، جماعت اسلامي جي 13، سني تحريڪ جي 24 ۽ اي اين پي جي چئن ڪارڪنن شموليت اختيار ڪئي آهي، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جا ٻه ۽ جسقم جا 22 ڪارڪنن پي ايس پي ۾ شامل ٿيا آهن. هن چيو ته ماڻهو اسان کي چوندا هئا ته گهرن مان نه نڪري سگهندئو، اڄ انهن جا وات بند ٿي رهيا آهن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان کي ڏوهاري چوندڙ وزيراعظم جي سڄي ڪٽنب کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو، شهباز شريف تي 18 ماڻهن جي قتل جو ڪيس آهي، ان جي رپورٽ اچڻ واري آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سفير تي حملي جو کُٽڪو، چين جي پاڪستان کي ڪارروائي جي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني پنهنجي سفير تي حملي جو کُٽڪو ظاهر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي