22 آچر , آڪٽوبر 2017

فاٽا ۾ ليويز جو نظام پوليس ۾ تبديل، صدر منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فاٽا ۾ ليويز جي نظام کي پوليس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس جو نظام فاٽا تائين وڌايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جيان فاٽا ۾ به پوليس جو نظام لاڳو هوندو. رپورٽن موجب پوليس ايڪٽ 1861 فاٽا ۾ به لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جي منظوري صدر ممنون حسين ڏئي ڇڏي آهي. فاٽا ۾ ليويز جون آفيسون پوليس ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ ليويز ڪمانڊنٽ بدران آءِ جي پوليس سربراهه هوندو، جڏهن ته نائب تحصيلدار کان گهٽ عهدي جو شخص پوليس آفيسر مقرر نٿو ٿي سگهي. فاٽا جي بنيادي عدالتي نظام ۾ به تبديليون ڪيون آهن، هاڻ فاٽا ۾ پاڪستان جي ٻين علائقن جيان عدالتي نظام لاڳو هوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي