11 پیر , دسمبر 2017

نواز شريف لاءِ رستوصاف، نااهل شخص پارٽي سربراهه ٿي سگهندو: سينيٽ ۾ ترميمي بل منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ مان به چونڊ سڌارن وارو بل 203 منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.جنهن کانپوءِ هاڻي نواز شريف لاءِ پارٽي صدر بڻجڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو آهي. حڪومت چونڊ سڌارا بل جي شق 203 قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو. بل جي حمايت ۾ 38 ۽ مخالفت ۾ 37 مليا. پ پ جي چوڌري اعتزاز احسن تجويز ڏني هئي ته پارٽي صدر لاءِ ايم اين اي جو شرط هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪو ايم اين اي نه ٿو ٿي سگهي ان کي پارٽي صدر ٿيڻ جو ڪو حق ناهي. ايوان اهڙي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. بل جي شق 203 منطوري کان پوءِ ڪو به نااهل شخص پارٽي جو صدر بڻجي سگهي ٿو. اهڙي بل جي منظوري کانپوءِ نواز شريف جي ٻيهر پارٽي صدر ٿيڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو. بل جي منظوري کانپوءِ ن ليگ جي اڳواڻ مشاهد الله خان چيو ته شق 203 جي منظوري کانپوءِ نواز شريف جي ٻيهر صدر بڻجڻ لاءِ رستوصاف ٿي ويو آهي ۽ هوصدر ٿي سگهي ٿو. سمجهيو هاڻي نواز شريف صدر بڻجي ويو، بل تحت نااهلي جي سزا به 5 سال هوندي، نگران سرڪار ڪو به نئون فيصلو ڪري نه سگهندي، اليڪشن ڪميشن خودمختيار هوندي . 0429

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت خلاف اتحاد ڪندڙ زيرو آهن، سياستدان ئي جمهوريت تي راتاهو چاهين ٿا: وزيراعظم

جهنگ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے