18 اتوار , فروری 2018
نڪور خبرون

عوامي آواز نيوز| کپرو پوليس عدالتي حڪم تي ڳوٺ حمزو خان درس ۾ بااثرزميندار جي خانگي جيل تي ڇاپو هڻي 30 هاري بازياب ڪرائي ورتا، بازياب ٿيل هارين ۾ ٻار ۽ عورتون شامل

کپرو پوليس جو عدالتي حڪم تي ڳوٺ حمزو خان درس ۾ بااثرزميندار جي خانگي جيل تي ڇاپو هڻي 30 هاري بازياب ڪرائي ورتا پوليس جو چوڻ آهي ته کاهي ڀرسان ڳوٺ حمزو خان درس ۾ زميندار نواز درس جي خانگي جيل تي ڇاپي دوران ٻارن ۽ عورت سميت 30 ڄڻن کي بازيا ڪرايو ويو آهي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته بازياب ٿيلن ۾ ڪرشن، شريمتي منتي، امر  بالم ۽ ڪڪر ڀيل  سميت ٻيا شامل آھن،    خانگي جيل ۾ بند هارين جي بازيابي  لاءِ حليم ڀيل عدالت ۾ درخواست ڏني ھئي، جنهن تي پوليس هاري بازياب ڪرائي ورتا، جن کي سڀاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد ۾ نينگرين سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

حيدرآباد ۾ سنڌ سجاڳي فورم پاران معصوم نينگرين سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے