11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز نيوز| آصف زرداري پرويز مشرف جا الزام رد ڪري ڇڏيا

پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي گذريل ڏينهن وارن الزامن جي ردعمل ۾ چيو آهي ته مشرف ايترو بهادر آهي ته پاڪستان اچي ۽ عدالتن کي منهن ڏئي  ڪماليه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن مشرف جي چيلهه ۾ ايتري تڪليف آهي ته پوءِ ڊسڪو ڪيئن ڪري رهيو آهي،  سندس چوڻ هو ته مرتضيٰ ڀٽو جي قتل وقت به مون تي ۽ بي بي تي الزام لڳايو ويو هيو، پر ڪيسن جو مقابلو ڪري ڪلين چٽ حاصل ڪيو آصف زرداري چيو ته پاڪستان ڪيترن مسئلن ۾ گهيريل آهي، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار فرار ٿي ويو   زخمي پاڪستان کي ڇڏي ويو،  سندس چوڻ هو ته اين اي 120 جون ننڍيون چونڊون ڪو پيراميٽر ناهن، تڪ ۾ حڪمران جماعت هڪ مهيني کان اربين رپيا خرچ ڪيا، جڏهن ته تحريڪ انصاف به ڪا خاص ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري،  هن وڌيڪ چيو ته چئن سالن جي حڪومت دنيا ۾ ڪا لابنگ ناهي ڪئي، انهن عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس ڪمزور ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے