22 آچر , آڪٽوبر 2017

هي اڳوڻو ڊڪٽيٽر جيڪو پاڻ کي ڪمانڊو چوندو آهي، گهٻرائجي ويو آهي: فرحت الله بابر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته مشرف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت غداري جي ڪيس کي به منهن ڏئي، هن چيو ته پرويز مشرف کي چئلينج ڪريون ٿا ڏيهه اچي بينظير قتل ڪيس ۾ عدالتن کي منهن ڏئي، هن چيو ته پرويز مشرف قانون ۽ عدالتن کان ڀڳوڙو آهي، فرحت الله بابر چيو ته بزدل ماڻهو جي نشاني آهي ته هٿ کڻي مارڻ جي ڌمڪي ڏيندو آهي پر همت ناهي ٿيندي، پرويز مشرف آصف زرداري جي 3 اپيلن جي ٻڌڻي لائق ٿيڻ کان گهٻرائجي ويو، هن چيو ته پيپلز پارٽي کي بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ پهرين ڌر نه بڻجڻ ڏنو ويو هيو، هن چيو ته مشرف اهو سمجهي ويٺو هيو ته ان جو ڏوهه ڪڏهن به بي نقاب نه ٿيندو، هن چيو ته مشرف کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سندس پيڇو ڪنداسين، مشرف کي معلوم آهي زرداري طرفان سندس پيڇو ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟، هي اڳوڻو ڊڪٽيٽر جيڪو پاڻ کي ڪمانڊو چوندو آهي، گهٻرائجي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي