16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017
نڪور خبرون

بيوروڪريٽس ڀڳوڙن لاءِ ڪيريئر تباهه نه ڪن، قاتل ڀائرن جو ڪو مستقبل ناهي: طاهرالقادري

لاهور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان عوامي تحريڪ سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته بيوروڪريٽس ڀڳوڙن لاءِ پنهنجو ڪيريئر تباهه نه ڪن، ڇو ته قاتل ڀائرن جو ڪو مستقبل ناهي، عدالتن جي فيصلن جو مذاق اڏائڻ وارن شريف ڀائرن ۽ انهن جي ساٿارين، درٻارين کي عدالتي فيصلن جي احترام جو سبق سيکارڻو پوندو، پاڪستان عوامي تحريڪ جي سينٽرل ڪور ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ ڳالهائيندي طاهرالقادري جو چوڻ هيو ته عدالت جي فيصلي ۽ پنجاب حڪومت جي رپورٽ ڏيڻ کان انڪار مان ثابت ٿيو ويو ته سانحي ۾ حڪومت سڌيءَ ريت ملوث آهي، هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل اي 19 تحت فيصلو ٻڌايو، آئين جي ان آرٽيڪل تحت هر شهري کي عوامي مفاد جي معلومات تائين رسائي جو حق حاصل آهي پر ماڊل ٽائون سانحي ڪيس ۾ ڪو عام شهري نه پر ماڊل ٽائون جي شهيدن جا وارث عدالت ويا، جن جي گهرن ۾ لاش ويا، انصاف حاصل ڪرڻ جي قانوني جنگ مڪمل انصاف تائين جاري رهندي ۽ ان لاءِ هر قيمت چڪائڻ لاءِ قيادت کان وٺي ڪارڪن تائين سڀ پرعزم آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آپريشن رد الفساد: ملڪ جي مختلف علائقن مان 21 دهشتگرد گرفتار، هٿيار ۽ بارود هٿ: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد تحت 21 دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے