22 آچر , آڪٽوبر 2017

سينيٽ مان پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري، شيخ رشيد سپريم ڪورٽ ويندو

Shiekh Rasheedاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سينيٽ مان پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ۾ ترميم جي بل جي منظوري خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته هي ماڻهو آئين ۽ قانون سان کيڏي رهيا آهن، هي ماڻهو سرعام عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪري رهيا آهن، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته نااهل ماڻهو پارٽي کي هلائين، هن چيو ته اهو سينيٽ مان پاس ٿيل پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ترميمي بل خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندو، ياد رهي ته سينيٽ ۾ پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ۾ ترميم جو بل اڪٿريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت عدالت مان نااهل ٿيل ماڻهو ڪنهن به پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهندو، چونڊ سڌارن جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿي سينيٽ ۾ آيو هيو، ان تحت ڪو به شهري جيڪو سرڪاري ملازم نه هجي اهو پنهنجي سياسي پارٽي به بڻائي سگهندو، واضح رهي پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ۾ ترميم بعد اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف مسلم ليگ ن جي صدر بڻجڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي