21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز: ڪئناڊا جو سياسي نظام | پروگرام : ليڪچر | 2017-09-21

ڪراچي (رپورٽر) ليکڪ ۽ ڪئنادا جي شهري خير محمد ڪولاچي چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ مذهب جو حڪومتي معاملن ۾ ڪو عمل دخل ناهي هوندو. اتي جمهوري روايتون مضبوط آهن. ٽي پارٽيون اليڪشن وڙهن ٿيون. اڪثريت حاصل ڪندڙ پارٽي حڪومت ٺاهيندي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ليڪچر ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪئناڊا ۾ بنيادي طور تي پارلياماني نظام نافذ آهي. برطانيا جي راڻي اڄ به ڪئناڊا جي اعزازي هيڊ آهي. هوءَ وزيراعظم جي چوڻ تي گورنر جنرل مقرر ڪري ٿي. جيڪو هن جي نمائندي طور ڪم ڪندو آهي. وفاقي اسيمبلي کي هائوس آف ڪامنز چون ٿا. انهي جا نمائندا عوام مان چونڊجي اچن ٿا. اهي ملڪ لاءِ قانون سازي ڪندا آهن. اڪثريتي پارٽي جو سربراه ملڪ جو وزيرعظم ٿئي ٿو. ٻئين سطح تي صوبائي حڪومت هوندي آهي. ملڪ ۾ 10 صوبا 3 ”ٽيريٽريز“ آهن. صوبي مان نڪرندڙ معدني وسيلن تي صرف صوبي جو حق هوندو آهي. ڪئناڊا ۾ ٽي پارٽيون آهن. اڪثريت پارٽي حڪومت ٺاهيندي آهي. ٻه پارٽيون ملي حڪومت ناهن ٺاهينديون. اليڪشن هارائڻ تي پارٽي سربراهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو آهي. جلسا جلوس ناهن نڪرندا. صرف ڪارنر گڏجاڻيون ۽ در در وڃي ووٽ گهرڻ واري روايت آهي. اليڪشن مهم ۾ پئسا گهٽ خرچ ٿيندا آهن. اليڪشن واري ڏينهن کان 10 ڏينهن اڳ پولنگ شروع هوندي آهي. ڪئناڊا ۾ ٻه قومي زبانون آهن. فرينچ ۽ انگريزي ۽ فرينچ زبان کي سمورن صوبن ۾ قومي زبان جو درجو حاصل آهي. ڪئناڊا جي اصلوڪن شهرين کي ”انڊين“ چوندا آهن. 0429

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز رپورٽ: لاڙڪاڻو:سٽي اسڪول لاڙڪاڻي پاران تعليم جو معيار بهتر ۽ بين الاقوامي بنائڻ لاءِ استادن جي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو جاري آهي

سٽي اسڪول لاڙڪاڻي پاران تعليم جو معيار بهتر ۽ بين الاقوامي بنائڻ لاءِ استادن جي …

هڪ تبصرو

  1. عوامي آواز اخبار ۽ ٽي وي نج سنڌي اخبار ۽ چينل آهن، جتي ڪيل سموار ڪم پروفيشنل انداز ۾ ڪيا ويندا آهن، ليڪچر پروگرام سندن مڪمل ميچوئر هئڻ جو عڪاس آهي

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي