18 اتوار , فروری 2018
نڪور خبرون

عوامي آواز نيوز|عمرڪوٽ:ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو احتجاج

عمرڪوٽ ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ واري عمل خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي عمرڪوٽ  پاران  احتجاج ڪيو ويو .

ايس يو پي ڪارڪنن ۽ شهرين  روشن مڱريو، حاجي آچر مري، مشتاق ڪنڀر، عابد مجيد ورياماڻي، قادر بخش ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي.

اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي کي روڪڻ بجاءِ  انھن کي ھٿي ڏئي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي حمايت ڪري سنڌي ماڻھن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرائڻ جو سوچيو آھي .

هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري  ان سنڌ دشمن سازش  خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو …………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد ۾ نينگرين سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

حيدرآباد ۾ سنڌ سجاڳي فورم پاران معصوم نينگرين سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے