16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017
نڪور خبرون

اليڪشن ڪميشن جي سنگين غلطي: اين اي 120 جو نتيجو رد ٿيڻ جو خدشو

Election Commissionاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن غلطي سان اين اي 120 جي ننڍي چونڊ ۾ بيلٽ پيپر تي هڪ اميدوار جو نشان ئي شايع نه ڪيو آهي، جنهن سبب تڪ جا نتيجا رد ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. لاهور جي اين اي 120 جي ننڍي چونڊ ۾ هڪ وڌيڪ تمام وڏي غلطي سامهون اچي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن تڪ جي ننڍي چونڊ جي آخري لسٽ ۾ 44 اميدوارن جا نالا شايع ڪيا، جڏهن ته نتيجا 43 اميدوارن جا جاري ڪيا. آزاد اميدوار محمد فاروق کي چونڊ نشان ڪريم بورڊ ڏنو ويو هو پر آخري لسٽ ۾ فاروق راجا جو نالو به شامل ناهي. اليڪشن ڪميشن محمد فاروق راجا جو چونڊ نشان ئي شايع ڪرڻ وساري ڇڏيو. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ڪوتاهي سبب سڄي چونڊ رد ٿي سگهي ٿي، آخري لسٽ ۽ چونڊ نشان الاٽ ٿيڻ بعد بيلٽ پيپرز تي نالو ۽ چونڊ نشان شايع ڪرڻ ضروري هوندو آهي پر جيڪڏهن اميدوار عدالت سان رابطو ڪري ته اليڪشن ٻيهر ٿي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آپريشن رد الفساد: ملڪ جي مختلف علائقن مان 21 دهشتگرد گرفتار، هٿيار ۽ بارود هٿ: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد تحت 21 دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے