21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

اداڪارا نور جي چوٿين شادي به ناڪام، ولي حامد کان طلاق وٺي ڇڏي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني فلم اداڪارا نور ولي حامد سان عدالت ذريعي طلاق وٺي ڇڏي، استاد حامد علي خان جي پٽ ولي حامد خان ۽ اداڪارا نور 2015 ۾ خاموشي سان شادي ڪئي جيڪا اداڪارا جي چوٿين شادي هئي، ٻنهي اداڪارن جي شادي گهڻو وقت نه هلي سگهي ۽ ڳالهه گهرن جي مسئلن تائين پهچي وئي جنهن تي اداڪار ولي حامد ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪندي طلاق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو، پوئين ٻڌڻي تي عدالت اداڪارا نور ۽ حامد علي کي پاڻ ۾ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ 15 منٽ جو وقت پڻ ڏنو پر حامد علي اداڪارا نور کي سمجهائڻ ۾ ناڪام رهيو، لاهور جي فيملي ڪورٽ ڪالهه ٻڌڻي دوارن  ٻنهي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ڪندي اداڪارا کي طلاق جي ڊگري جاري ڪري ڇڏي، ياد هجي ته اداڪارا نور جي هيءَ چوٿين شادي هئي جيڪا به ناڪام ٿي وئي آهي، اداڪارا پهرين شادي وڪرم نالي بزنس مين سان ڪئي هئي 2 سالن کانپوءِ انهيءَ کان طلاق وٺي ڇڏي، نور جي ٻي شادي 2010  ۾ ئي فاروق مينگل سان ٿي جيڪا هڪ سال کان گهٽ وقت تائين هلي سگهي، اداڪارا نور جي ٽين شادي عون چوڌري سان 2012 ۾ ٿي پر اها شادي به صرف ڪجهه مهينا هلي سگهي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”ڊر“ مان گهڻا سوال ڪرڻ سبب ڪڍيو ويو هو: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي ڪامياب فلم ”ڊر“ ته سڀني کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي