16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017
نڪور خبرون

سنجي دت بيماري باوجود فلم ڀومي جي اشتهاري مهم ۾ مصروف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت طبيعت خراب هجڻ باوجود فلم ”ڀومي“ جي اشتهاري مهم ۾ مصروف آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق فلم ڀومي جي اشتهاري مهم جاري آهي ۽ اداڪار سنجي دت تيز بخار هجڻ باوجود فلم جي اشتهاري مهم ۽ ريئلٽي ٽي وي شو جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي. اشتهاري مهم دوران سنجي دت چيو ته جنسي زيادتي هڪ وڏو ڏوهه آهي ۽ اهڙي قسم جو ڏوهه ڪندڙ ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ اهڙن ڪيسن جي تڪڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڏوهارين کي ڀڄڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهي. واضح رهي ته فلم ۾ سنجي دت بالڪل مختلف ۽ جذباتي والد جي روپ ۾نظر ايندو، جڏهن ته اداڪارا اديتي رائو حيدري سندس ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي، فلم 22 سيپٽمبر تي رليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسڪر ايوارڊ لاءِ پاڪستاني فلمن جي نامزدگي تمام وڏي ڪاميابي آهي: سهائي علي ابڙو

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سهائي  علي ابڙو چيو آهي ته آسڪر ايوارڊ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے