22 آچر , آڪٽوبر 2017

ٽوئيٽر 3 لک کان وڌيڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيا

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ تي 3 لک کان وڌيڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيا. ٽوئيٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب هلندڙ سال 3 لک کان وڌيڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪياويا آهن، جن ذريعي دهشتگردي کي هٿي ڏني پئي وئي. ٽوئيٽر موجب انهن مان هڪ سيڪڙو اڪائونٽ مختلف ملڪن جي درخواست تي بلاڪ ڪيا ويا، جڏهن ته 95 سيڪڙو اڪائونٽ ٽوئيٽر جي پنهنجي سينسر شپ پاليسي تحت بند ڪيا ويا آهن. ٽوئيٽر طرفان جاري ٽرانسپيرنسي رپورٽ 2017 موجب هلندڙ سال حڪومتن طرفان ٽوئيٽر اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جون درخواستون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مليون آهن. رپورٽن موجب پاڪستاني حڪومت به جنوري کان جون جي عرصي دوران ٽوئيٽر جا 84 اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جون 24 درخواستون داخل ڪرايون پر ٽوئيٽر انتظاميا انهن درخواستن تي عمل نه ڪيو. واضح رهي ته ان کان اڳ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ به اهو اعلان ڪيو هو ته روز جي بنياد تي نفرت پيدا ڪندڙ خيالن جي مشهوري ڪندڙ 10 لک کان وڌيڪ اڪائونٽ بند ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هونڊا نئين ايس يو وي گاڏي وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏي

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) هونڊا پنهنجي نئين هائيبرڊ گاڏي سي آر وي 2018ج مختلف ملڪن ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي