16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017
نڪور خبرون

حڪمرانن جي سياست پنهنجي ڪاروبار وڌائڻ جي سياست آهي: بلاول ڀٽو

ساهيوال (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ساهيوال وارن سان سياسي ئي نه نظرين جو رشتو آهي، اوهان سان منهنجو رڳو سياسي رشتو ناهي، هن چيو ته ساهيوال ۾ ماڻهن پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، ساهيوال ۾ اديبن، موسيقارن تاريخ تي اثر ڇڏيو آهي، حڪمرانن جي سياست پنهنجي ڪاروبار وڌائڻ جي سياست آهي، نااهل حڪمرانن اوهان کي قدم قدم تي دوکو ڏنو آهي، پنجاب ۾ اڄ به هارين جي حقن کي کسيو ويندو رهيو آهي، ن ليگ جي حڪومت پٺين چئن سالن ۾ ڇا ڪندي آئي آهي، آمرن جو اولاد جمهوري ويس اوڙهي عوام جو رت ڇوسي رهيو آهي، پيپلز پارٽي اوڪاڙه فارم جي هارين جو هميشه ساٿ ڏنو، اوڪاڙه فارم جي هارين جو استحصال به جاري آهي، بلاول چيو ته شهيد محترمه به اوڪاڙه جي هارين لاءِ آواز اٿاريندي رهي، هن چيو ته ڪوئلي سان هلندڙ منصوبن سان مهانگي بجلي پيدا ٿيندي، پنجاب جي ڪميشن خور حڪرمانن لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي نالي تي مهانگو منصوبو بڻايو، هن چيو ته ساهيوال کان ڪجهه فاصلي تي بابا فريد جي مزار آهي، جنهن امن جو پيغام ڦهلايو، بلاول ڀٽو چيو ته سياست اڄ سرمائيدارن يج قبضي ۾ آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ مفت دوائون ۽ مفت علاج کي يقيني بڻايو ويندو، روزگار ڏيڻ رياست جو حق آهي، يقين ڏياريان ٿو اوهان کي روزگار مهيا ڪندس، هن چيو ته چاهي ترقياتي پروگرامن ۾ گهٽتائي ڪرڻي پئي پر اسان اوهان کي روزگار ڏينداسين، بلاول ڀٽو چيو ته نام نهاد تبديلي جو ڏٽو ڏيندڙ ڪوڙا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آپريشن رد الفساد: ملڪ جي مختلف علائقن مان 21 دهشتگرد گرفتار، هٿيار ۽ بارود هٿ: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد تحت 21 دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے