25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا

ISL High Courtاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس عامر فاروقي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني لارجر بئنچ اليڪشن ڪميشن جي عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ رڳو هڪ پارٽيءَ جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي جيڪو توهين عدالت ڪارروائي هلائي. ان موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي حڪم نامي کي معطل ڪندي عمران خان کي هدايت ڪئي ته شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏنو وڃي، بابر اعواڻ خاطري ڪرائي ته اليڪشن ڪميشن جي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے