22 آچر , آڪٽوبر 2017

اين اي 4 جي ننڍي چونڊ ۾ 100 اليڪٽرونڪ مشينون استعمال ڪرڻ جو فيصلو

NA-4 By-Electionاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشينون پشاور جي ننڍي چونڊ ۾ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان جي صدارت ۾ عام چونڊن 2018ع جي تيارين جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن جي حڪمت عملي ۽ بيلٽ پيپرز جي گهربل تعداد ۾ ڇپائي سميت ٻين چونڊن جي معاملن جو جائزو ورتو ويو.عام چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال کي نظر ۾ رکندي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرونڪ ووٽنگ  مشينون استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 26 آڪٽوبر تي شيڊول اين اي 4 پشاور جي ننڍي چونڊ ۾ تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشينن جي مشق ڪئي ويندي. چونڊن ۾ 100 اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو تجربو ڪيو ويندو، تجرباتي بنيادن تي استعمال جا نتيجن تي اثر نه پوندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عام چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنن جو تعداد پڻ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف گذريل چئن ورهين دوران ملڪ کي بهتري ڏانهن آندو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ جمهوري پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي