23 سومر , آڪٽوبر 2017

کيري سان چهري جي حفاظت ڪيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمين جي موسم ۾ چهري جي سونهن گهڻي متاثر ٿيندي آهي، جنهن سبب خاص طور تي عورتون پريشان رهنديون آهن ۽ پنهنجو چهرو صاف رکڻ لاءِ مختلف ڪريمون توڙي ٽوٽڪا آزمائينديون آهن، جيڪو عمل کين وقتي طور ته فائدو پهچائيندو آهي پر سندن چهري تي ناڪاري اثر به ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. اڄ اسان توهان کي چهري جي خوبصورتيءَ لاءِ کيري جي ڪردار جي اهميت ٻڌايون ٿا. کيرو هونئن ته کاڌي پيتي جي شين ۾ استعمال ٿيندو آهي پر اهو چهري کي صاف رکڻ لاءِ به بهترين ثابت ٿئي ٿو، جنهن جي استعمال سان توهان پنهنجي چهري کي صاف ۽ چمڪندڙ بڻائي سگهو ٿا.

طريقو:

کيري جي رس ڪڍي ان ۾ اڌ چمچو گلاب جو پاڻي ۽ اڌ چمچو گلسرين ملائي چهري تي لڳائي ڇڏيو، 15 يا 20 منٽن کان پوءِ ٿڌي پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو. جيڪڏهن توهان رات جي وقت اهو ماسڪ لڳائي ننڊ ڪيو ۽ صبح جو اُٿي مُنهن ڌوئي ڇڏيو ته توهان جي چهري جو رنگ بلڪل صاف ٿي ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماسڪ استعمال ڪرڻ ۽ لاهڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڀ ڪو چاهيندو آهي ته اهو خوبصورت نظر اچي، خاص طور ان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي