18 سومر , جون 2018

عوامي آواز| ترقيءَ جو راز تعليم آهي | پروگرام: انٽرويو | ميزبان : اسد ممتاز رڏ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اندر کاٻي ڌر جي سياست ۽ خاص طور تي ڪميونسٽ تحريڪ مختلف تضادن جي ورچڙهيل رهي آهي، ڪميونسٽ تحريڪ جا اڪثر وڏا اڳواڻ هنستان ۽ بنگال مان آيا، هنن کي سنڌ جي سياست ۽ زميني حقيقتن جي گهڻي ڄاڻ ڪو نه هئي، اهڙن خيالن جو اظهار چائنا مان کاٻي ڌر جي سياست تي ڊاڪٽريٽ ڪندڙ قاسم سوڍر عوامي آواز ٽي وي پروگرام انٽرويو ۾ ميزبان اسد ممتاز رڏ سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ڪميونسٽ تحريڪ هتي مختلف تضادن سان ڀريل هئي، جنهن ڪري طاقت نه وٺي سگهي، عوامي تحريڪ وارا سنڌ جي زرعي سرزمين هئڻ ڪري هاري تحريڪ آڻڻ جي حق ۾ هئا، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ وري ٽريڊ يونين ۽ مزدور انقلاب کي هٿي ڏيڻ ۾رڌل رهيا، سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي سياست جي زور نه وٺڻ جو هڪ اهم سبب اهو به هيو ته هڪڙا ماڻهو قومي سوال تي ٻيا وري طبقاتي جدوجهد جي حق ۾ هئا، کاٻي ڌر جي سياست اندر به ڪيترائي فرق هئا، هڪڙا ماڻهو پرو چائنا هئا ته ٻيا پرو روس، هڪڙن وٽ اسٽالن لاءِ وڏو مقام هئو ته ٻيا وري ٽراسڪي جا معتقد هئا، انهيءَ کان علاوه لساني تضادن جي ڪري به کاٻي ڌرجي تحريڪ گهڻو زور نه پڪڙي سگهي، هن چيو ته ون يونٽ واري تحريڪ سنڌين کي متحد ڪيو، هنن هڪ ڊاڪيٽر خلاف حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، انهن ڏينهن ۾ خط جي لفافي تي ايڊريس ۾ سنڌي جي لفظ لکڻ تي  تي به سزائون ڏنيون وينديون هيون، ذوالفقار ڀٽو جو ون يونٽ ۾ ڪردار مشڪوڪ هيو، هن جو تعلق مٿين طبقي سان هئو، هن هاري تحريڪ ۾ به اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تڏهن ڪن هاري اڳواڻن هن کي پهريون پنهنجي زميندار والد کان اجازت وٺي اچڻ جو چيو هو، 1967ع کانپوءِ ڀٽو ايوب خان خلاف متحرڪ ٿيو هو ، ايم آر ڊي واري تحريڪ متعلق ڳالهائيندي قاسم سوڍر چيو ته هن تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي عوامي تحريڪ ۽ جي يو آءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو، اديبن ۽ دانشورن به پاڻ ملهايو، هن تحريڪ دوران رياست سائين جي ايم سيد ۽ باقي پارٽين وچم ڏڦيڙ پيدا ڪيو، انهيءَ ڪري سائين جي ايم سيد ايم آر ڊي تحريڪ جو حصو نه ٿيو، هن چيو ته جمهوريت اڪثريت لاءِ آهي، پر پاڪستان ۾ اڪثريت جو مقصد پنجاب آهي، انهيءَ ڪري هو تحريڪ جو حصو نه بڻجندو ڇاڪاڻ ته آخر ڪار فائدو پنجاب کي ملندو، هن تحريڪ دوران بيگم نصرت ڀٽو ڪراچي واري گهر ۾ نظر بند هئي، پر لاهور جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هوءَ گاڏي جي ڊگي ۾ ويهي لڪي گهران نڪري اجلاس ۾ پهتي هئي، هن چيو ته هاڻي ملڪ ۾ نظرياتي سياست ڪمزور آهي، ڇاڪاڻ ته اشوز بيسڊ سياست ٿي رهي آهي، سياستدانن وٽ نظريا ڪو نه آهن، اسٽڊي سرڪل هلائي جشن لطيف ملهائي عوام کي متحرڪ ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي اندر استاد ۽ شاگرد سياست ۾ رڌل هوندا آهن، سمورين پارٽين سان لاڳاپيل شاگرد ڪامريڊي جي نالي تي غنڊا گردي ڪندا آهن، اسلام آباد جي ڀيٽ ۾ سنڌجي تعليم پٺتي پيل آهي، اسڪول بند ۽ ڪاپي عام آهي، استاد پڙهائڻ لاءِ تيار ڪونهن، والدين پاڻ ٻارن کي ڪاپي ڪرائي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

bulletin 7th 17-06-2018

شام ستين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-06-17

عمران خان  نادر ا چيئرمين کي هٽائڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون عمران خان، شاهد خاقان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے