22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

لاهور ۾ ٽرڪ ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو، 3 فوت، 2 زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور ۾ بيديان روڊ تي ٽرڪ 4 ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو، حادثي جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، بيديان روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ 4 ٻارڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو، پوليس موجب ٻارڙا اسڪول وڃي رهيا هئا ته تيز رفتار ٽرڪ مٿان چڙهي وئي، حادثي بعد ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويو، حادثي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ وڌيڪ زخمي ٻارڙو فوت ٿي يوو، فوتي ٻارڙن ۾ 10 سالن جو عادل، 8 سالن جو انيس ۽ اڍائي سالن جي فاطمه شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے