26 جمعرات , اپریل 2018

عومي آواز: اڄ جو اديب خوف ۾ ورتل آهي، سياست کان لهرائي ٿو: ڊاڪٽر عابد مظهر جو انٽرويو| پروگرام : تخليق| ميزبان زرار پيرزادو

ڪراچي (رپورٽر) ناليواري سينيئر اديب ڊاڪٽر عابد مظهر چيو آهي ته اڄ جو اديب خوف جو شڪار آهي،  اُهو ادب براءِ زندگي نه پر ادب براءِ ادب جو قائل ٿيڻ لڳو آهي، اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي هفتيوار پروگرام ”تخليق“ ۾ ميزبان زرار پيرزادي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته نوجوان اديبن کي ڊيڄاريو وڃي ٿو جڏهن ته سنڌي ادب جو ماضي مزاحمت سان ڀرپور رهيو آهي، ماضيءَ ۾ اديب ڌرتي ۽ ماڻهن سان گڏيل هوندا هئا، ڊاڪٽر عابد مظهر وڌيڪ چيو ته هاڻ سياست ۽ ادب کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي هاڻ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته اديبن جو ڪم سياست ڪرڻ نه پر نج ادب تخليق ڪرڻ آهي، جڏهن ته منهنجو خيال آهي ته اديبن کي سياست ۾ اچڻ گهرجي. اديبن کي به سياست ڪرڻ جو حق آهي، اديبن جي سياست ڪرڻ سان سياست جو معيار وڌندو ۽ عوام کي چونڊڻ لاءِ سٺا پڙهيل لکيل ماڻهو ملندا، هڪ سوال جي جواب ۾ عابد مظهر چيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ به هاڻي اُهو دم خم ناهي جيڪو ماضيءَ ۾ هو، هن چيو ته ماضيءَ جي سيڪريٽري جنرل ادب کي مهلن مٿان ترجيح ڏيندا هئا ۽ هاڻو ڪو سيڪريٽري جنرل ادب کان وڌيڪ سرڪاري مهلن، رتبن ۽ ڪامورڪي ڏانهن وڌيڪ واجهائين ٿا، تنهن ڪري جڏهن سنڌ تي  ڪو ڏکيو وقت ايندو ته اُهي مزاحمت کان ڪيٻائي پنهنجون نوڪريون بچائيندا، ٻئي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر چيو ته نثري نظم سندس پسنديده صنف آهي، هن چيو ته عروض جا ڪجهه شاعر  چون ٿا ته نثري شاعري کي ”نثري سٽون“ چئجن پر منهنجو خيال آهي ته 80 سيڪڙو اديب هاڻي ”نثري شاعري“ جي صنف کي قبولي چُڪا آهن تنهن ڪري اهو  بحث هاڻي اجايو آهي، ڊاڪٽر عابد مظهر پروگرام ۾ اها خوشخبري ٻڌائي ته هن آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي آهي، ان کان علاوه ڊاڪٽر عابد مظهر پنهنجي چونڊ خوبصورت شاعري پنهنجي آواز ۽ انداز ۾ ٻڌائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : اسان اقتدار جا بکيا ناهيون، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندو: سينيٽر ياسمين شاهه

پ پ سينيٽر ياسمين شاهه چيو آهي ته هو اقتدار جا بکيا ناهن، ڌارين کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے