20 ہفتہ , جنوری 2018

انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران ڪراچيءَ ۾ عيد مشاعرو:ابورافع

عيد کان ٻه ڏينهن پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌي وسندي راشد وليج ۾ قائم انيس انصاري اڪيڊميءَ جي مرڪزي آفيس ۾ هڪ ”عيد مشاعرو“ رکيو ويو. انيس انصاري اڪيڊمي جي روايت رهي آهي ته اها سال جي اهم موقعن ۽ موسمن جي حوالي ۾ پنهنجي آفيس ۾ سدائين سنجيده پروگرام رکندي آهي. ٻين موقعن کانسواءِ خاص ڪري مچ مشاعرو، بسنت مشاعرو ۽ عيد مشاعرو ضرور ٿيندو آهي. ان جو سبب شعرن پڙهڻ کان وڌيڪ دوستن جو ملڻ جلڻ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ جي شهر ۾  جيڪا ڀڄ ڊوڙ آهي، انهيءَ کان ڪي پل  آجائي ويندي آهي.

ٻيو سبب اهو بڻبو آهي، هتي اچي اڪيڊمي جو ماحول ڏسي دل خوش ٿي ويندي آهي. هن عيد تي به جيئن ته اڪيڊمي جو روان اسحاق انصاري ڪراچي آيل هو، جيڪو ڪجهه مهينا اڳ ئي رياض ۾ پنهنجي نوڪريءَ سانگي رهڻ لڳو آهي پر جڏهن ڪراچي اچي ته ڪا نه ڪا ادبي ويهڪ انيس انصاري اڪيڊمي جي اڱڻ ۾ ڪرائي.

هاڻ  به عيد جي موقعي تي اهڙي ويهڪ مشاعري جي نالي ۾ رکي  وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شاعرن پنهنجا خوبصورت ۽ تازا توانا شعر پڙهيا. جيتوڻيڪ فيس بُڪ کانپوءِ شاعرن کي مشاعرن جو ماحول گهر ۾ ئي مليو وڃي ٿو پر انيس انصاري اڪيڊمي ۾ ٿيل مشاعرن ۽ ٻين ادبي ويهڪن کي نج ادبي ۽ علمي ويهڪون ڪوٺي سگهجي ٿو. ان کان ٻاهر جو ماحول به اسين ڏسي رهيا آهيون.

ڪيئن به اڪيڊمي جي اڱڻ تي اٺين وڳي ڌاري مشاعري جي شروعات سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر شاهه سائين جي بيت سان ڪئيوئي،ڪارروائي اڪيڊمي جي ڪارڪن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر رکيل مورائي هلائي، جنهن سڀ کان پهريان اڪيڊمي جي اڳواڻ ڊاڪٽر اسحاق انصاري کي سڏ ڪيو، جنهن سڀني ايندڙ شاعرن ۽ مشاعرو ٻڌندڙن جو ٿورا مڃيا.

ائين مشاعري جي شروعات ٿي، جنهن جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر امداد حسيني صاحب جي حوالي ڪئي وئي. خاص مهمان طور غزل جي نامياري شاعري شبير عاتف ۽ جديد شاعر شاهه محمد پيرزادي کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. مشاعري جي شروعات اسٽيج سيڪريٽري رکيل مورائي پنهنجي غزلن سان ڪئي ۽ جن شاعرن مشاعري ۾ پنهنجا شعر پڙهيا، انهن  ۾ مٿين کانسواءِ بخشڻ مهراڻوي، عابد مظهر، راز شر، حميد سبزوئي، مسرور پيرزادو، سقراط سيتائي، امر پيرزادو، زيد پيرزادو، آغا سعيد، امتياز دانش، ڏاتر شر، نثار منصور، آغا سعيد، باري منگي، ڊاڪٽر اعجاز انڙ، رياض سمون ۽ ٻيا شامل آهن، جن پنهنجا نڪور شعر پڙهي مشاعري جو مزو ورتو ۽ موسم جو مزو به ورتو. آخر ۾ امداد حسيني صاحب پنهنجا شهر پڙهيا ۽ صدارتي خطاب ۾ چيو ته انيس انصاري اڪيڊمي ڪراچي جهڙي شهر ۾  جيڪي ادبي ويهڪون ۽ مشاعرا ڪرائي رهي آهي، انهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دل چوندي آهي ۽ سموري ڪوشش اسحاق انصاريءَ جي آهي. آخر ۾ مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙن جا ٿورا ضيا ابڙي پاران  مڃيا ويا ۽ مشاعري جي پڄاڻي امداد حسين صاحب جي هن مشهور گيت سان ڪئي وئي.

رات آهي اماس

روح آهي اداس

آهي ڏاڍي پياس

هل ته ڪنهن مئڪدي ۾ هلون

هن يادگار شاعري ۾ ڊاڪٽر ضيا ابڙي، ارشاد احمد سرڪي، ارشاد احمد سومري، قاضي آصف، ميڊم نور جهان ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻڌندڙن شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے