11 پیر , دسمبر 2017

پريانڪا چوپڙا پهريون ڀيرو عامر خان سان گڏ نظر ايندي

بالي ووڊ سندري اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ مسٽر پرفيڪشنسٽ جي نالي سان مشهور اداڪار عامر خان ڀارتي خلاباز راڪيش شرما جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ گڏ ڪم ڪندا. پريانڪا چوپڙا جو شمار بالي ووڊ جي انهن اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي، جيڪي ڀارتي فلم انڊسٽريءَ سان گڏوگڏ هالي ووڊ ۾ به پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪيون آهن. رپورٽن موجب پريانڪا چوپڙا، ساحر لڌيانوي جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان کانپوءِ هن سنجي ليلا ڀنسالي  جي آڇ کي به ٿڏي ڇڏيو. ٻن اهم فلمن ۾ ڪم کان انڪار بعد هاڻ اطلاع اچي رهيا آهن ته پريانڪا چوپڙا ايندڙ فلم ۾ عامر خان سان گڏ نظر ايندي. عامر خان ڀارتي خلا باز راڪيش شرما جي حياتيءَ تي فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ مک ڪردار به هو پاڻ ئي نڀائيندو، جڏهن ته فلم ۾ پريانڪا چوپڙا سندس گهرواري جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾….!!

نوراحمد جنجهي ڪبير ڀڳت ساديون ڳالهيون ڪندي ، انساني رويئي بابت گهڻو ڪجهه سمجهايو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے