18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز:اليڪشن ڪميشن پاران عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري، ڪپتان کي گرفتار ڪري ڪميشن سامهون پيش ڪيو وڃي

* پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته جمهوري نظام عوامي مفاد جو نظام آهي، جمهوريت ۾ فيصلا روڊن نه پر پارليامينٽ ۾ ٿيندا آهن. جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته جمهوريت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد جمهوري قدر ۽ روايتن کي مضبوط بنيادن تي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته جمهوريت ماڻهن جي سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي نظام لاءِ آزاد راءِ تي ٻڌل هڪ عالمي نظام آهي، جمهوري نظام عوامي مفاد جو نظام آهي ڇو ته جمهوريت ۾ فيصلي روڊن نه پر پارليامينٽ ۾ ٿيندا آهن، جمهوريت رڳو چونڊون ڪرائڻ جو نالو ناهي پر عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بهترين نظام آهي. سندس چوڻ هو ته جمهوريت آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، عدليه ۽ ميڊيا جي آزادي جو نالو آهي، پاڪستاني عوام جمهوريت تي يقين رکي ٿو ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام جي تسلسل جا قائل آهن، جمهوريت ۾ حاڪميت جو حق عوام وٽ هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah

نيوز | نوابشاهه: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزداري جو سلسلو هلندڙ

نوابشاهه ۾  امام حسين عليه اسلام ۽ ان جي ساٿين  کي  ڀيٽا ڏيڻ لاءِ  مجلس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے