22 آچر , آڪٽوبر 2017

سائين هيمنداس جو شاعراڻو ڪتاب همرچي هونگار :سومجي ڌاراڻي

سائين هيمنداس چنداڻي صاحب ٻي هڪ  بهترين شاعري جو ڪتاب همرچي هونگار جنهن جو خوبصورت ٽائيٽل تي حقيقي تصوير رکي ائين محسوس ڪرايو آهي ته ٿر جي کيت ۾ گاهه ڪڊيو پيو وڃي ءِ همرچو ڳايو پيو وڃي. انهي تصوير ڪتاب جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. ڪيڏو نه سندر منظر ڇٽيو ويو آهي.

هو نه ته سائين هيمنداس چنداڻي صاحب استاد جهڙي پيغمبري پيشي سان پنهنجي ساري زندگي ارپڻ ڪري ٿر جي ٻچي ٻچي جي دلين ۾ علم جا ديپ روشن ڪيا، جيڪي اڄ به پوري ملڪ ۾ آڪاش جي ستارن وانگر چمڪندا نظر اچن ٿا.  پر اوچتو اوچتو ٻن سالن کان سائين جي اندر مان شاعري اتپن ٿي جيئن آڪاش مان بادل ٿي وسڻ لڳي ءِ اها برکا همرچي هونگار جي روپ ۾ اسان جي هٿن ۾ آهي.هن ڪتاب کي پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيئي ٿو ته اسان سڄو ٿرپارڪي گھمون پيا ءِ ٿر جو هر نظارو ڌسون پيا.

سندس شاعري ۾ پيار جي پڪار، محبت جي مٺاس۽  مهمانن جي آڌر ڀاءَ جا انگ ڏسيل آهن.ڏڪار جي ڏکن جو ڏس ڏنل آهي ته سڪار جي سکن جو سنديش، ڀائيچاري جي ڀرم جو اڀياس آ ته رشتن نڀائڻ جو رس  به آ، پدمڻين جي پرک ته سهاڳڻين جي سندرتا ۽ ڏهاگڻين جا ڏک به آهن. پاڻهارين جو پلر ڀريندي پريت ۽ ڪجلهارين ڪامڻين جي نيڻن جي نهار به آهي. ٿرواسين سان ٿيل زيادتين ڪندڙن تي هلان آهي.

ٿر جي خوبصورت ريتن رسمن سوڻ ساٺن کي سهڻن رنگن سان  سجايو آهي. شعور جو تصور به آهي ته پاکنڊي پندتن جي پاپن کي به پڌرو ڪيو ويو آهي.سچن سنتن ءِ گروئن جا گڻ به آهن. سچ ايڪتا ۽ شڪتي جا گس به گھڙيل آهن، پيڙهيل طبقي لاءِ امن جا ڪرڻا به آهن ته وسڪاري جو وستار، ڪارونجھر جي ڪوڪ ۽ روپلي جي بهادري۽  وطن تان قربان ٿيئڻ جي وفا به آهي. ماءِ جي مامتا کان وٺي ڏيئرن کي لڇمي جو روپ به ڏنو آهي.

هي ڪتاب ٿر جي مڪمل تهذيب ۽ تاريخ جو سچو روپ آهي ته ڊاٽڪي ٻولي جيڪا ماءُ جي لولي سان به وفا ڪئي آهي، سائين پنهنجي شاعري ۾ ڊاٽڪي لفظن جا رنگ ڀري ايڏو ته سهڻو گلدستو ٺاهيو آهي  جو ڏسي ائين لگي ٿو ته سائين پنهنجي اندر جي اڌمن ءِ ڀاونائن کي برکا جي بوندن وانگي بادلن مان برسائي ٿر جي ڀوميءَ جي سيني تي محبت ڀريل گلن جي خاشبو جو واس ڏنو آهي. هن خوبصورت شاعري جي ڪتاب لکڻ تي چنداڻي صاحب کي جس هجي. هي خوبصورت ڪتاب پاڻ پڙهو سڀني کي پڙهايو،  پريم سان ڀريل هن ساگر مان هنس ٿي موتي ميڙيو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

اونداهي مان روشني ڏانهن سفر :گل ناز

پاڪستان جا شهري علائقا هجن يا ٻهراڙي جا اُتان جي عورتن زندگي جي هر شعبي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي