22 پیر , جنوری 2018

شمشير الحيدريءَ جي ياد ۾ :ممتاز مهر

هر اديب ۽ شاعر پنهنجي دور جي پيداوار هوندو آهي، شاهه لطيف جو دور بادشاهت جو زمانو هو، ٺيٺ  زرعي پيداوار ۽ حملا آورن جو زمانو هو:

جڏهن ڪڏهن سنڌڙي

توکي قنڌار کان دوکو

(چوڻي)

اها صورتحال شاهه جي ڪلام ۾  نظر اچي ٿي، انگريزن جي اچڻ کانپوءِ  سنڌ هند ۾ جديد صنعتي سماج جي اوسر ٿيڻ لڳي، انگريزي  ٻوليءَ  تي عبور حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ مقامي اديبن ۽ شاعرن کي نين ادبي صنفن کان واقفيت ٿي. آکاڻي ارتقا ڪري ڪهاڻي بڻجي وئي، دستان ارتقا ڪري ناول بڻجي ويو. شاعريءَ  ۾ نظم، سانيٽ، ترائيل ۽ آزادم نظم جو اضافو  ٿيو، ڪافي، وائي ۽ غزل  ۾ به نيون ترڪيبون استعمال ٿيڻ لڳيون. تخليقي ادب ۾ نوان تجربا ٿيڻ لڳا ۽ نواڻ  جو سلسلو جاري رهيو ۽ اڃان به جاري آهي، جيئن انگريزي ۾  چوڻي آهي ”  life is lhange “ تبديليءَ جو نالو زندگي آهي. ان تبديلي زندگيءَ  جي هر  زاويي تي اثر ڇڏيو آهي.

پيار ۽  محبت انساني فطرت ۾ شامل آهي، تنهن ڪري پيار جو موضوع  فن ۽ ادب ۾ اظهار جو لازمي حصو آهي، پيار ۽  محبت جو جذبو جڏهن تخليقي فن، خاص ڪري شاعريءَ ۾ اظهارجي  ٿو تڏهن اهو ساڳيو جذبو پڙهندڙ، ٻڌندڙ جي من ۾ اڀري ٿو، آرٽ سچ تان مسلسل پرودو مٿي ڪري ان کي ظاهر ڪندو رهي ٿو، سچ  وسيع ۽ لامتناهي آهي، آرٽ يعني تخليقي فن مسلسل  ان لامتناهي  سچ جي کوجنا جو عمل آهي.

آرٽ يعني ادب، شاعري، نقش نگاري، مجسمه سازي ۽ موسيقي ان ٽڙيل گل مثل آهي، جيڪو جيڪڏهن تازو نه هوندو ته مرجهائجي ويندو، تازگيءَ جو مطلب نواڻ آهي. لافاني تخليق ڪنهن به دور جي هجي ان ۾ هميشه تازگي ۽ نواڻ نظر ايندي ۽ ڪلاسيڪيت جو درجو رکندي، مغربي علمي ۽ تخليقي روايتن ۾ فلاسافي ۽ آرٽ  قديم زماني کان برابريءَ جو درجو رکن ٿا، پرمغربي فلاسافرن ۽ رچناڪارن جي وچ ۾ اختلاف ۽ جهيڙو به پراڻو آهي.

فلاسافرن جو زور سوچ ويچار ۽ منطق تي هوندو آهي ۽ رچنا ڪارن يعني تخليقڪارن جو زور داخلي جذبن جي اظهار تي افلاطون (plato) جو خيال هو ته شاعر تصورتاتي دنيا ۾ رهندڙ عام خيالن جو نقال هوندو آهي ۽ وڌاءُ ڪندو آهي، جيئن هومر پنهنجي طويل جنگنامي او ڊي سي ۾ ڪيو.افلاطون سياسي معاملن  ۽ ٻارن جي سٺي  تربيت لاءِ شاعرن کي پري رکي ٿو ۽ سٺي  اخلاقي سوچ  رکندڙ  فلاسافرن کي حڪومت ڪرڻ ۽ ٻارن جي تربيت لاءِ موزون  سمجهي ٿو. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته تخليقي فنڪارن، خاص ڪري شاعرن  سچ چوڻ  تي سختيون سٺيون آهن. مثال طور اطالوي شاعر دانتي (dante)  ويهه سال جلاوطنيءَ ۾ گذاريا، ان دوران پنهنجي شاهڪار رچنا ” dinne conedy  “ رچيائين، مشهور روسي شاعر پشڪن عزت  خاطر ڊوئيل يعني دوبدو تلوار بازيءَ  ۾ جان ڏني. اسٽالين جي زماني ۾ ڪيئي روسي اديب ۽ شاعر نظر  بند ڪيا ويا، مزاحمتي شاعري ڪرڻ  جي الزام تحت فيض احمد فيض، شيخ اياز قيدي بڻيا، پرافلاطون جي مثالي يا يوٽو پيائي ريپبلڪ جمهوريه  ۾ مشڪل سان  مذڪوره شاعرن کي جاءِ ملندي بقول، افلاطون جي يوٽو پيائي جمهوريه آزاد سماج ڪونهي. افلاطون آزاد سماج جو ويري ٿو نظر اچي

شميشيرالحيدري جيتوڻيڪ گهڻي مزاحمتي شاعري ڪانه ڪئي، سندس مزاج انتهائي رومانوي ۽ مولائي قسم جو هو، تنهن ڪري پڪ سان کيس به افلاطون جي مثالي جمهوريه ۾ جاءِ ڪانه ملندي البت افلاطون جو  شاگردارسطو  (aristotle) شمشير الحديريءَ جو نظماڻو گيت ” تون ياد وري آئين“ چپڙن جي ڪنارن تي ڄڻ  باهه ٻري آئي،  تون ياد وري  آئين“ ٻڌي مٿو ڌڻيندو ۽ چوندو ته اهو نغمو سندس ” ڪئٿارسس “ واري ٿيوريءَ تي پوريءَ  ريت ٺهي  ٿو اچي ، جنهن مطابق  ڪابه اعليٰ  تخليق، چاهي  اها دردواري غمناڪ (tragic)  هجي يا کلائيندڙ طربناڪ (conic)پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي من  ماڌاڻ کي ٿڌو ڪري، تسڪين ۽ راحت پهچائي ته پوءِ  اهڙي رچنا جو اهو ڪارج مثبت ۽ ساراهه جوڳو آهي.  ارسطوان ذهني ۽ نفسي تسڪين لاءِ ” ڪئٿارسس“ جو ٽرم استعمال ڪيوآهي.

مطلب ته شمشير الحيدريءَ  کي ارسطو طرفان سٺو  سرٽيفيڪٽ ملندو، جيتوڻيڪ شمشير جهڙي آزاد  مزاج شاعر کي ڪنهن به سرٽيفڪيٽ  جي ضرورت ڪانهي. ياد رهي ته ارسطو، افلاطون جي برعڪس عام راءِ کي اهميت ڏيندو هو ۽ اظهار  جي آزاديءَ  جو قائل هو.  سندس چوڻ هو ته مخصوص ٽولي يا آپي شاهي جي حڪومت عوام کان خائف هوندي آهي ۽ کين هٿياربند ٿيڻ کان روڪنيدي آهي.

اها مڃيل ڳالهه آهي ته شميشير الحيدري شيخ اياز کان بعد  جي اسريل سنڌي شاعرن ۾ اهم نالو آهي. سندس نظم  ۽ آزاد نظم ردم ۽ نغمگيءَ سان ڀرپور آهن، سندس غزل به جديد  سنڌي شاعريءَ ۾ اهم  جاءِ والارين ٿا، افسوس ته سندس حياتيءَ ۾ رڳو هڪ ئي مختصر شعري  مجموعو ” لاٽ“  ڇپجي پڌرو ٿيو، يقينن سندس  ٻي به انيڪ شاعري مختلف رسالن يا نوٽ بوڪن ۾ ٽڙيل پکڙيل موجود هوندي، جنهن کي ڳولي هٿ ڪري ڇپرائن جي ضرورت آهي.

شمشير الحيدري پنهنجي دور ۾ ماهوار ”نئين زندگي “ جي ڪامياب ايڊيٽر طور اڀري آيو هو جنهن ان سرڪاري رسالي جو ادبي معيار ايترو ته بلند ڪيو جو 1970- 1960 جي ڏهاڪن ۾ ٽماهي ” مهراڻ“  کان پوءِ ” نئين زندگي “ جو معيار ۽ مرتبو مڃڻ جوڳو ۽ مقبول عام هو. خاص طور 1970ع ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ  تي شمشيرالحيدري نئين زندگيءَ جو جيڪو سنڌ نمبر ڪڍيو هو، اهو بمبئي پريزيڊينسيءَ کان 1936ع ۾ سنڌ جي الڳ  صوبائي حيثيت بحال ٿيڻ تي مولانا دين محمد روفائي  روزاني اخبار ” الوحيد“  جو جيڪو سنڌ نمبر ڪڍيو  هو. ان جون سڪون ٿي لاٿيون.

شمشير الحيدري جديد شاعريءَ  جي صنفن ” جديد نظم “ ۽ ” آزاد نظم “ متعلق به وضاحت سان لکيو. سندس اهڙا متعلقه مضمون به جيڪر هٿ ڪري ڪتابي صورت  ۾ آڻڻ گهرجن. سندس لکيل ڪجهه مضمونن ۽ مقالن کي سهيڙي سنڌ ثقافت کاتي طرفان  ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو آهي. سندس شعري مجموعي ” لاٽ“ جو  ٻيو ڇاپو پڻ

شمشير الحيدري سنڌي ادبي سنگت جو ساٿاري، ادبي محفلن ۽ مشاعرن جو مورو، ريڊيو ۽ ٽي وي جي سنڌي پروگرامن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندڙ ۽ سيکڙاٽ اديبن ۽ شاعرن کي همٿائيندڙ ۽ اتساهيندڙ  شخص هو. تمام سادي زندگي گذاريندڙ، لوڀ لالچ کان پري ، هٺ ۽ اڀمان کان عاري، هڪ قسم جو درويش صفت انسان هو،  کيس ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ڪونه  ڏٺم ، سندس  چهري تي هميشه مٺي مرڪ نمايان هوندي هئي، هو تمام پيارو ۽  دلبر ماڻهو هو، دوستن جو دوست ۽ دشمني ڪنهن سان به نه، ڪل جهان جو خير، اهڙا درويش صفت  انسان ورلي ملندا.

” تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو، ڄڻ ته سنڌوءَ  جي ٻئي  ڪناري ويو“. (شميشير)

ڪنهن به تخليقي رچنا کي پروڙڻ جو عمل داخلي نوعيت جو هوندو آهي. اهڙي رچنا ڪيتري قدر جمالياتي حظ کي وڌائي ٿي، جذباتي ڪيفيت کي محسوس ڪرائي ٿي، نفسياتي رد عمل پيدا ڪري ٿي، تڏهن  اهڙو شعر يا ٻيو ڪو به فن، مثلن موسيقي، ڪامياب ڄاڻائجي. ان قسم جو  مسلسل جمالياتي مشاهدو ۽ تجربو نه صرف فرد جي   جذباتي  زندگيءَ  کي سنواري ٿو ذوق ۽ شوق ۾  اضافو ڪري ٿو، بلڪ فرد جي ڏسڻ،  ٻڌڻ ۽ چکڻ جي زاوين کي به وسيع ڪري ٿو. اهڙو فرد پاڻ کي ڪڏهن به خالي خالي  محسوس نه ڪندو، ڇو ته سونهن ۽ سڪ کي ماڻڻ  جو طريقو کيس اچي وڃي ٿو، هو به تخليقڪار جي سفر ۾ هميشه ساڻ رهي ٿو، فن (آرٽ) جي دنيا کي فناڪانهي هوندي،انساني ثقافت (culture) جو بنياد ئي فن (آرٽ) تي ٻڌل هوندو آهي. فني اظهار جا نمونا وقت سان گڏ ضرور بدلجن ٿا، پر سونهن ۽ سڪ جا جزا ان ۾ هميشه موجود هجن ٿا.

”دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين.

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسسين.

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسن تي نه هليو.

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين. (شمشير)

” حيدر يئم، قلندريئم، مستم، مستم، مي رقص کنم، رقص کنم“.

هيءَ  ڪائنات ڦري پئي، گردش ڪري پئي، زندگي به ڦري پئي، گردش ڪري پئي، زندگي به هڪ قسم جو رقص آهي، ناچ آهي ” life is adance “  قلندري ڌمال آهي، شمشير پنهنجو وارو وڄائي ويو، خوب وڄائي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر جي آخري رات جي ڪٿا:رکيل مورائي

هيءَ ان ڏينهن جي شام هئي جيڪو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي ان رات کي آڻيندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے