19 اڱارو , جون 2018

نوٽ بُڪ جا ورق: جاڏي پير تاڏي خير-22:آدرش

اشرف علي ابراهيم جُلدساز وٽان ڪتاب کڻي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو ته مِلي پياسون. بس اسٽاپ تي، پٺاڻ جي هوٽل تي اچي ساهه پٽڻ لاءِ ويٺاسون. آغا درمحمد ٻاهران ئي گرم گرم سموسا ۽ پڪوڙا وٺي آيو.کائي ڪري، مٿان چانهه پيتي ته قرار ٿي ويا.

***

اسان جا راوڙا پٺاڻ به چانهه ۾ الائي ڇا ٿا وجهن، جو ڏاڍي لذيذ ٿئي ٿي. ڳوري به اهڙي  جو ٻه ويلا ماني نه وڻي. اسان جا ماروئڙا ۽ جهانگيئڙا واندن جا بادشاهه، سج پوءِ نڪري اهي اڳواٽ گهران تڙجي ، هوٽل تي اچي ٺڪاءُ ڪندا. چانهه پي ڪري، مڇ کي وٽي ، ٺونشي تي سگريٽ پئيندا. ناسن مان  دونهون ايئن ڪڍندا ڄڻ ڪچي ڏانهن ويندڙ ڊاٽسن جي سائلنسر  هجي.

مارو ملڪ ملير جا لاپرواهه به اهڙا جو نفعي نقصان کي ليکي  ۾ ئي ڪونه آڻيندا. سڄو ڏينهن ويندي اڌ رات تائين چانهيون پيئندا ته مادو خراب ته مساڻا الڳ ڪمزور. پوءِ ڀائوءَ جن جا ٽپڙ ٽيشن تي. نرڙ تي رکيل ڪاون  سان چمڪندڙ ٽوپي هٿن ۾ هوندن ، وتندا حاذق حڪمين جا در پُڇائيندا. ان ڪري ئي سڄي ملڪ جون ڀتيون جنسي مرض جي علاج جي اشتهارن سان ٿڦيون پيون آهن. ” مايوس نه ٿيو، چوويهن ڪلاڪن ۾ مرداڻي طاقت بحال، شرطيه علاج رابطو ڪيو: حڪيم  حاجي حق نواز 2716478- 0303

اسان جي دل وارن دلبرن جون زالان صابرين آهن. مڙسن جي ڇڇڙي ٿي ويل حالت تي ڪڇي نه ٿيون سگهن. هتي ته  خير آهي. ڪم ٽپي وڃي ٿو. اهي جنت ۾ وڃي حورن کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا؟

***

پٺاڻ جبل جي پٿر وانگر سخت هوندا آهن. گهر ٻار ڇڏي. جبل جهاڳي، ڏينهن رات سفر ڪري، هزارين ميل لتاڙي، سونهاري سنڌ ۾ ايندا. جيل جي کوليءَ  جيتري ڪمري  ۾ اٺ اٺ ڄڻا  سٿجي رهندا . گرمي، سردي ۽ طوفانن کي ڏسندا  ئي ڪونه. ٻانهن ۾ جست جي ڪيٽلي لڙڪائي، چار ڪوپ هٿن ۾ ڪڙڪ  چانهه کڻي، شهر جي بازارين ۽ چوواٽن تي الله توهار ڪري نڪري پوندا. ڦڙي ڦڙيءَ مان  تلاءُ ٺاهي ويندا. ڏسندي ڏسندي سال سوا اندر شهر جي  وچ چوڪ تي هوٽل ٺاهي ويندا. بورڊ لڳي ويندو. ڪوئيٽا بلوچستان هوٽل، پروپرائيٽر: گل زمان خان  پخير راغلي.

سنڌ جو اهڙو ڪوبه وڏو يا ننڍو شهر ڪونهي، جتي هوٽل جو پٺاڻ والي ناهي ۽ سنڌين جي چپن تي چانهه جي پيالي ناهي. سنڌ ديس مهان !

***

سنڌ ٻين قومن لاءِ دبئي آهي. سنڌين لاءِ وري سمنڊ ۾ گم ٿي ويل سُئي آهي. پٺاڻ پيارا اک ڇنڀ ۾ هٽڙيءَ مان هٽ ڪري ويندا. اسان جا سنڌي چڱو ڀلو هٽُ ئي چٽُ ڪري، ڀتين تي لکندا وتندا ” سنڌين کي روز – گار ڏيو“

***

چانهه پيئڻ، حال احوال ڏيڻ وٺڻ کان پوءِ آغا درمحمد، هوٽل جي ڀت ۾ لڳل پيپسي ڪولا جي گهڙيال، جنهن ۾ مائي اک هڻي رهي هئي ۽ ٽائيم ڏسڻ کان پوءِ چوڻ لڳو  ”ارشاد صاحب! ترسو، رات ٽِڪو ته گهر هلون، صبح جو ٿر وڃجو”.

مون وراڻيومانس“ آغا سائين! جيئو سدائين !  تنهنجا لک قرب، اصل ۾ ڇاهي  جو اشرف علي کي گهران  نڪتي ڏينهن  ٿي ويا آهن. ٻچن جي تانگهه لڳل اٿس، ترسبو ڪونه، واپسيءَ تي ٽائيم مليو ته چڪر هڻندس. وڌيڪ سفر نصيب آهي، پوءِ ڀلا مون کي اجازت آهي؟ ڇاهي جو اسڪول جي موڪل جو ٽائيم ٿيڻ وارو آهي، سو اتان ٻار کڻڻا اٿم. انهن کي اسڪول وٽان کڻي گهر وڃبو، آغا صاحب چيو. مون چيو مانس، ڀلي ڀلي اوهان ڀلي هلو، سٺو ٿيو ملاقات ٿي وئي. ڪچهري به ٿي وئي. آغا!  توهان جا لک قرب ، نه سائين ! ڪا ڳالهه ئي ناهي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جو آيئه. ائين چئي آغا در محمد ڀاڪر پائي، هٿ ٻڌي موڪلائي هوٽل جي دخل تي بل ڏئي شهادت جو رتبو حاصل ڪري ويو. مان ۽ اشرف علي غازي بڻجي وياسون.

***

جهٽ کان پوءِ اشرف علي ٿر وڃڻ واري ڪوچ جي پڇا ڪرڻ لاءِسامهون بس اسٽاپ ڏانهن ويو، مان سگريٽ دکائي ، ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي سوچڻ لڳم.

***

ڪهڙو نه دور اچي ويو آهي. ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺي اچڻ لاءِ پيءُ ٿو وڃي، عجيب  واءُ  گهُليو آهي!

ويچار ڪجي ته ڏاند گاڏيءَ وارو دور سٺو هو. سادگي هئي، سچائي  هئي، امن هو، آسمان نيلو جي اکين جهڙو نيرو هو.

سائنس جي ترقي، اسان وٽ تنزلي بڻجي وئي آهي، ٻه وکان اڳتي چار پوئتي آهيون. ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجيءَ گهڻي ڀاڱي نقصان ڏنو آهي.

موبائيل فون رهيو کهيو نور چٽ ڪري ڇڏيو آهي. روڊ تي ويندڙ نوجوان فيس بڪ ۾ اهڙو غرق آهن، جو نابين ماڻهو هن کي هٿ ڏئي روڊ ٿو ڪراس ڪرائي.

***

اڳلي وقت ۾ صبح مڙدان سان اول ڌڻيءَ جو نالو وٺڻ  کان پوءِ جيجل امڙ پنجن سهڻن هٿن سان ٻارن جو هٿ منهن ڌوئاري، سادا اڇا اجرا لٽا پارائي، اکين ۾ سُرمي جي سرائي وجهي ، کٽ تي ويهاري، وٽي ۾ ڪُٽي وجهي کارائڻ  کان پوءِ، هٿن سان ٺاهيل ڪپڙي  جي ننڍڙي  ٿيلهي ۾ سليٽ، ڪتاب، قلم ۽ ڪلڪ  وجهي ساڄي ڪلهي ۾ پارائي، ميٽ سان ميساريل لسي پٽي هٿ ۾ ڏئي ، مٿي تي پيار جو هٿ رکي ، منهن ۾ قرآن جي آيت شوڪاري، سرڪاري پرائمري اسڪول ڏانهن الله تي آسرو رکي، کيس گهران روانو ڪندي هئي دعا جو در کولي ڇڏيندي هئي.

ٻار گهران اسڪول ڏانهن اڪيلو ويندو هو  ته خير سان موٽي ايندو  هو ، نه پيءُ ماءُ  کي الڪو نه ڪو ٻار کي ڀئو ڀولو. ڪانءُ کسي ويو لولو.

ٻارگهٽين مان اسڪول ڏانهن ويندي، پنهنجي منهن سر ۾ وڏي آواز سان بيت  چوندو  ويندو هو ” پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم، ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم، منهنجي امڙ! منجهند جو  موڪل  مهل ٺينگ ٽپا ڏيندو، گهر ڏانهن  ايندي سليٽ وڄائي چوندو ايندو”موڪل ملي ٿي، قلم سليٽي،گهنڊ وڄي ٿو، صاحب اچي ٿو“

***

اهو ٻار ڪاٺ  جي بئنچ تي نيڪ دل شريف فرض شناس ۽ علم جي ڀنڊار استاد وٽ پڙهيو ته ڪليڪٽر ٿي ويو. اهو ٻار جبل جيڏو شاعر شيخ اياز بڻيو، اهو ٻار  سنڌ جو ناميارو سرجن ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ بڻيو، اهو ٻار شڪارپور جو سرسيد احمد خان، سائين عرض محمد شيخ بڻيو ، جنهن  ويران عمارت کي وسائي  اسڪول ۽ ڪاليج کوليا. اهو ٻار بشيراحمد صديقي هو، جيڪو سنڌ پوليس جو آءِ جي بڻيو ته سنڌين لاءِ نوڪريون جا دروازا عبادت گاهه  وانگر کولي، محمود ۽ اياز کي هڪ صف ۾ بيهاري ڇڏيو. اهو ٻار ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو وزيراعظم الله بخش سومرو ٿيو.

***

انگريز  بابُو ڳڻ ڳوت  وارو هو، سياڻو هو، هن اسڪول  ۾ ٻار جي داخلا جي عمر گهٽ ۾ گهٽ پنج سال مقرر ڪئي هئي. ان ڪري جيئن ٻار گهر ۽ پاڙي ۾ هري مري ڏسي وائسي ته ٿورو پختو ٿئي، دماغ  کليس، ڪجهه شعور اچيس ته پوءِ اسڪول وڃي.

پرائمري اسڪول جا هيڊماستر تجربي ڪار، سادا پر ذهين هوندا هيا. هيڊماستر صاحب ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان اڳ ٻن شين جي پروڙ ڪرڻ لاءِ امتحان وٺندو هو. هن کان نالو ۽ سندس والد جو نالو پڇندو هو. علمي طور هن کان سٿڻ  جو اڳٺ کولرائي وري ٻڌرائيندو هو. ٻار ان امتحان ۾ پاس ٿي ويو ته داخل ڪندس پاس نه ٿيو ته گهر جو دڳ ڏيکاريندس، ڀلي ڪنهن گورنر جو پٽ ڇو نه هجي.

***

اسان وٽ ڌاڙيل فيڪٽر جو ماڊرن نالو پرائيويٽائيزيشن آهي. مختلف ڪمپنين جا گارڊ بئنڪ جي دروازن ۽ ٻين غير سرڪاري ادارن ۾ بيٺل نظر ايندا، ٻارنهن ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيندا. انهن جا مالڪ جيڪي کين رڳو ڊريس ۽ بندوقڙي مهيا ڪن ٿا، اهي پاڻ ادارن کان ٽيهه هزار وٺن، هنن مولاين کي فقط ڏهه هزار رپيا ڏين. لاهوتيءَ جي شربت وانگر ڪمپنيءَ جي مشهوريءَ لاءِ رڳو ڏهه رپيا. سڄي ملڪ ۾ هر شهر ڏانهن خط ٽپال کاتي ۾اٺن رپين ۾ پڄي وڃي، ٽي سي ايس وارا سنڌ صوبي جي شهر ۾ پڄائڻ جا ٻه سئو رپيا وٺن. اسلام آباد ۽ ٻين صوبن لاءِ سندن  الڳ ڳاٽي ڀڳي رقم آهي.

پرائيويٽ اسڪول جي مالڪن جي مال ميڙڻ جي ٻيگهي متل آهي. نه ڪو چوڻ وارو نه ئي پڇڻ وارو. داخلا جو ڪو قانون ناهي، ڏوڪڙ ڏيو ٻنڌڻن  ۾ ٻڌل ٻار ڪڇ ۾ کنيو اچو، داخل ٿي ويندو.

ٻارن جو پيءُ اڳ ۾ ئي پريشانين جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پنهنجا وار پاڻ ٿو پٽي، مٿان ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ۽ واپس وٺي اچڻ جي ڇپ ڪريس ته زندگي ئي تيل.

ٻارن کي گاڏيءَ  ۾ ويهاري، ڊگي ڪتابن سان سٿيل ٿلهن ٿيلهن سان ڀري ، گهر وٽان ايئن ٿو وڃي ڄڻ عمرو ڪرڻ لاءِ سعوديءَ  ٿو وڃي.

همراهه امتحانن جي موسم ۾ ڪاپي ڪرائڻ ۽ چونڊ (selection) لاءِ الڳ پريشان. وتي ٿو امتحاني سينٽرن ٻاهران بيٺل ڍول سپاهين کي ايلاز ڪندو، بورڊ جي ايجنٽ کي ڳولي، ڏوڪڙ ڏئي پنهنجي شگر ليول  (sugar level) وڌائي ڇڏي ٿو. ڪاپي ڪندڙ، ڏوڪڙن تي پاس ٿيندڙ ٻار ڪهڙا اڪ  ڪارا ڪندو؟ ايل ڪي پي پي (LKPP)  ئي ٿيندو.

***

ڀائر ڀتيون هوندا آهن، زالان اينديون آهن، طوفان بڻجي انهن کي ڪيرائي ڇڏينديون آهن.

سيءُ هو ، مينهن هو، مان گهر جي ڏاڪي تي ڪوٽ پائي، مفلر ويڙهي، سگريٽ پي رهيو هيم.  هڪ گهر مان مائٽ  مٺڙو، ڊاڪٽر صاحب فل سوٽ ڪوٽ پائي نڪتو. هن  گيراج مان گاڏي ڪڍي، گهر جي در اڳيان بيهاري، هارن  وڄايو. هن جو ننڍڙو پٽ، پنهنجي وت کان وڌيڪ ڳورو ٿيلهو کڻي نڪتو، گاڏيءَ جي اڳئين سيٽ تي پيءُ ڀرسان ويٺو. ڀڪ واري گهر مان هن جي ساليءَ پياريءَ جو ڌيءُ  نڪتي. سا به  پنهنجي  ماسات سان گڏ وڃي ويٺي، پوئين سيٽ سڪل وڻ جي آکيري وانگر خالي هئي.

ڊاڪٽر صاحب جي وڃڻ کان پوءِ ستت ئي سندس گهر مان هن جي غريب ڀاءُ  تعليم  کاتي ۾ پٽيوالي جا ٻه سهڻا ٻار ٿيلها کڻي نڪتا. سيءَ ۾ ڏڪندا، اداس منهن ڪندا، منهنجي ڀرسان لنگهي، مينهن ۾ ڀڄندا، اسڪول وڃڻ لڳا.

ڊاڪٽر صاحب پوئين سيٽ خالي هئڻ جي باوجود پنهنجي ڀاءُ جي معصوم ٻارن کي ڪونه کڻي ويو. اهي سيءَ مينهن ۾ پيرين پنڌ ويا. هڪ ڇت هيٺان رهندي، کين ڇانو نه ٿي ملي! اهو منظر ڏسي آسمان ، مينهن جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے