19 جمعہ , جنوری 2018

ڇا ڪراچي لاوارث آهي؟

عديل احمد ڀٽو.

ڪراچي ملڪ جوهڪ وڏو معاشي حب سڏجي ٿو،اهو شهر پاڪستان جو اڳوڻو ۽سنڌ جو موجوده گاديءَ وارو هنڌآهي، ڪراچي قائد اعظم محمد علي جناح، بانيءِ پاڪستان جي ڄمڻ جو شهر ۽ مني پاڪستان آهي.هر ڪنهن لاءِ روزگار فراهم ڪندڙ ۽ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ۽ عالمي حيثيت رکندڙ  شهر آهي، پر افسوس ان باوجود هي شهر بدامني، ماحولياتي گدلاڻ ۽ گند ڪچري جي ڍير جو مرڪز بڻجي ويوآهي. بدامني تي ته ڪنهن حد تائين سنڌ پوليس ۽ رينجرز پنهنجون ڪاروائيون ڪري ان ۾ڪجھه بهتري آندي آهي. روشنين وارو هي شهر ڪراچي ڪيترن ئي ننڍن، وڏن مسئلن جي ور چڙهيل آهي ه شهر ۾ صفائي جو نظام نه آهي ۽ وڌنڌڙ ٽريفڪوارا به اهم مسئلو آهي.

گڏيل قومن جي اداري ورلڊ انوائيرونمينٽ ڪنٽرول پنهنجي سروي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪراچي شهر گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويو آهي ۽ 2030ع تائين هي شهرماڻهن جي رهڻ لائق نه رهندو!. هن سروي رپورٽ ۾ ڍاڪا شهر به ڪراچي کان وڌيڪ صاف سٿرو ڃاڻايو ويو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪراچي ڪيترين ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڪراچي ۾ گاڏين ۽ ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ زهريلي گئسن ۽ دوهين سبب ماڻهن جي صحت تي هاني ڪار اثر ٿي رهيو آهي، جتي ماڻهن جو ساهه کڻڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي، ڪراچي جي نالي واري علائقن لائٽ هائوس، صدر، نمائش، ٽاور، لالوکيت، واٽر پمپ جي علائقن ته اها حالت آهي جو ماڻهو پنڌ گھمڻ کان به لهرائن ٿا. اهڙي ريت ڪراچي جو ڪينٽ اسٽيشن وارو روڊ، سچل ڳوٺ، سفورا، اورنگي، گذري، ڀنس ڪالوني، ملير، ابراهيم حيدري، پيپري، ڀٽائي آباد، بلاول ڪالوني،شرين جناح ڪالوني، چڪرا ڳوٺ، لياري ۽ شهر ۾ جمع ٿيل گٽرن جو بدبودار پاڻي رستن تي ڀريو پيو آهي، هر جاءِ تي گند ڪچري جا ڍير پيل لڳا پيا آهن جيڪي خطرناڪ بيماريون جو سبب بڻجي رهيا آهن. ڪراچي جا رهواسي مختلف بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن. ڪراچي ۾ اهڙي گندگي ۽ وهندڙ گٽر مقامي توڙين سنڌ حڪومت جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهن. نه صرف ايترو پر سنڌ حڪومت سان گڏهتان جون مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽيون پڻ ووٽ وٺي گم ٿي وڃن ٿيون.، ڪراچي جي وارثي جي دعويٰ ڪندڙ جنهن ۾ قومپرست هجن يا اسيمبلين ۾ ويٺل عوام جا چونڊيل نمائنداهجن اهي صرف هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ ۾ مصروف آهن، يا وري پنهنجن گھرن جي ٿڌِن ڪوٺين ۾ آرام ڪري رهيا آهن. ڇا عوام کان ووٽ ان لاءِ ورتا ويندا آهي ته عوام کي تنگ ڪيو وڃي، پي پي حڪومت چين جي ڪمپنين کي گند ڪچري کڻڻ جو تهٺيڪو ڏنو آهي،پر ان پروجيڪٽ جي سار سنڀار لهڻ کانئن وسري وئي آهي.

                ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو به ساڳيو ئي حال آهي، ڪراچي جي ٽريفڪ ايتري تهوڌي  وئي آهي جو ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ رش ٿيڻ ڪري ڦاٿل رهن ٿا، جنهن سان وقت سان گڏوگڏ پيٽرول به زيان ٿئي ٿو، جنهن جو بار عوام تي پوي ٿو .شهر جا اهم رستا جن ۾ شاهراه فيصل، ايم اي جناح روڊ، يونيورسٽي روڊ، صدر، لالوکيت، واٽر پمپ ،لانڍي ۽ ملير سدائين جام رهن ٿا. جنهن ڪري ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي ڪاروبارن،آفيسن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ پنهنجن گھرن ڏانهن اچڻ، وڃڻ وقت سخت پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان ٽريفڪ ڪنٽرول بورڊ موجب ڪراچي ۾ هلندڙ هيوي ٽريفڪ جي 70 سيڪڙو ڊرائيورن کي حڪومتي اجازت نامو ڏنل آهي جڏهن ته 30 سيڪڙو گاڏيون هلائيندڙن وٽ لائسنس به نه آهن.گاڏين مان نڪرندڙ دونهون به جانين لاءِ وڏو خطرو آهي. ڪراچي ۾ وڌندڙ (وائرس)جراثيم ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو سبب اها گندگي، وهندڙ گٽر،گاڏين ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريليونگئسون آهن. ڪراچي جي وارثي جي دعويٰ به ڪندڙ ڌرين کي ان ڳالهه جي خبر نه آهي ته ڇو  شهر جو عام ماڻهون ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن هن واسطيدار اختيارن ٽريفڪ ءِ ماحوليات جي ڪنٽرول لاءِ ٺوس ۽عملي قدم نه کيان ته پوءِ هي شهر مثتقبل ۾ واقعي رهڻ جوڳو نه رهندو.

     

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے