27 جمعہ , اپریل 2018

برادري تڪرارن جو خاتمو ڪڏهن ايندو..!؟؟

عبدالجبار پيرزادو

چوڻ خاطر ته اسان سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ ته داخل ٿي چڪا آهيون پر اڃا پنهنجي مدي خارج رسمن ۽ رواجن مان جان ناهيون ڇڏائي سگهيا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ به اسان عورت کي مرضي سان جيئڻ جو حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون، ٻئي طرف پنهنجي انا ۽ هٿ ٺوڪين وڏاين ۾ پورا آهيون، معمولي ڳالهين تان شروع ٿيل خوني تڪرار ورهين تائين هلندا رهن ٿا ۽ نتيجي ۾ ڪيترائي ڪٽنب عيدن ملهائڻ کان به محروم بڻجي وڃن ٿا.

تازو لاڙڪاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان عدالت مان حاضري تان واپس ويندڙن تي حملي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، اهو خوني تڪرار 1975ع کان ڳوٺ فتح پور ۾ منظور ۽ يعقوب ميراڻي جي ڌرين وچ ۾ شروع ٿيو ۽ هيل تائين 27 حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي.

مطلب ته جيڪي تڪرار اسان ڳالهين ذريعي نبيري سگهون ٿا، انهن کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي ورهين تائين گهليندا رهون ٿا، جنهن ڪري ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي ٻچڙن کان محروم ٿي وڃن ٿيون، ڪيتريون ئي ونيون پنهنجا ور وڃائي ويهن ٿيون ۽ ڪيترائي ٻارڙا يتيم ٿي وڃن ٿا.

اهڙا ڪيترائي واقعا ڏينهون ڏينهن سامهون ايندا رهن ٿا، پر نه ڄاڻ انهن جي خاتمي لاءِ ڪڏهن ٺوس ۽ عملي قدم کنيا ويندا ۽ اهڙن خوني تڪرارن جي ڪڏهن سنڌ مان پاڙ پٽجي سگهندي. اهي برادري تڪرار الائي ته ڪڏهن سنڌ مان ختم ٿيندا ۽ جهيڙيندڙ علائقن ۾ ٻارڙا هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪولن جو منهن ڏسي سگهندا ۽ سک جو واءُ ورندو.

هر پڙهيل لکيل سنڌ واسي تي فرض ٿو ٿئي ته اهي پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري، ٻيو نه سهي ته سوشل ميڊيا جي مورچي تي ئي ان مسئلي جي اصل سببن کي سامهون آڻين، گڏوگڏ سياسي سماجي ڌرين کي پڻ سکڻي انا سبب هلندڙ اهڙن تڪرارن جي انت لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے