23 سومر , آڪٽوبر 2017

ڪرنل حبيب جي گمشدگي، ڀارت جو سهڪار کان انڪار، پاڪستان جاچ ۾ سهڪار لاءِ نيپال کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته نيپال ۾ گم ٿيل راولپنڊي جي رهواسي ڪرنل (ر) حبيب کي لنڊن مان انٽرنيٽ ذريعي فون ڪئي وئي، سندس بازيابي ۾ ڀارت سهڪار کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد نيپالي حڪومت کي اسان سان جاچ ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي. ايوان بالا ۾ سينيٽر ميان عتيق شيخ جي تحريڪ التوا تي بحث ڪندي هن چيو ته ڪرنل (ر) حيبب کي مليل ڪال جي باري ۾ به خبر پئي آهي اها ڪال ڪوڙي هئي، جنهن جي لاءِ انٽرنيٽ کي استعمال ڪيو ويو ۽ جنهن انٽرنيٽ ڪلب تان اها ڪال ڪئي وئي اهو بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪرنل (ر) حبيب جو نيپال ۾ استقبال ڪندڙ شخص جو تعلق ڀارت سان هو. ڀارت سان اسان ان معاملي تي ڳالهه ڪئي ته اسان کي جواب ڏنو ويو ته اهو واقعو نيپال جي زمين تي ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن ڪيس: اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سڌ سماءَ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي