16 خميس , آگسٽ 2018

قيدي ڀڄڻ جي ذميوارن کي جيل ۾ وڌو پر عدالتن مان آزاد ٿي ويا: وڏو وزير

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته قيدي ڀڄڻ جي ذميوارن کي جيلن حوالي ڪيو پر عدالتن مان کين ضمانت ملي ۽ آزاد ٿي ويا. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيلن مان قيدين جي ڀڄڻ واري معاملي جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن گرين لائن ڪنهن ٻي شهر ۾ ٺهي ها ته ڪم هڪ سال ۾ مڪمل ٿي وڃا ها. سندس چوڻ هو ته سنڌ مان نيب قانون ختم ڪرڻ واري قانون جي خاتمي بابت قيادت جي حڪمن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  نيب قانون جي خاتمي کي ايئن ٻڌايو ويو ڄڻ باقي ملڪ کان الڳ قانون ٺاهي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف 15 دهشتگردن کي موت جي سزا منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 15 دهشتگردن کي موت جي سزا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے