23 سومر , آڪٽوبر 2017

اسفند يار ولي فاٽا معاملي کي تڪراري نه بڻائي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام پاڪستان جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄ ڀيرو ٻيهر توهان فاٽا جي مسئلي کي تڪراري بڻائي رهيا آهيو، اسفنديار ولي صاحب 2012ع ۾ به توهان فاٽا کي تڪراري بڻايو، منهنجي هن وقت تائين دانهن آهي ته فاٽا جي مسئلي کي تڪراري نه بڻايو وڃي. عوامي نيشنل پارٽي جي صدارت هيٺ اي پي سي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا کي پختونخواهه ۾ ضم ڪرڻو آهي ته پهرين انهن کي پنهنجن گهرن ۾ آباد ڪرايو ۽ ڪميٽي بڻائي ان معاملي کي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته اسفنديار ولي واضع ڪري ته انضمام جي صورت ۾ ڊيورنڊ لائن ڇا هوندي، اسٽيٽس کي تبديل ڪرڻ لاءِ فاٽا جي عوام کان پڇڻ گهرجي.  هن وڌيڪ چيو ته مهمان آهيان تڏهن ئي جرئت سان ڳالهائي رهيو آهيان، آئون اسفنديار ولي کي دانهن ٿو ڏيان ته ان معاملي کي تڪراري نه بڻائي، اسان کي اتفاق راءِ ڏانهن وڃڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن جا ڪيس هاڻي رڳو فائلن ۽ الماڙين ۾ بند نه رهندا: نيب چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب ۾ ميگا ڪرپشن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي