23 سومر , آڪٽوبر 2017

پاڪستان ڪشمير معاملي تي آواز بلند ڪندو رهندو: پرڏيهي کاتي جو ترجمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جو معاملو عالمي برادري سان گڏ اٿاريندو آهي ۽ ان معاملي کي اٿاريو ويندو رهيو آهي. هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران هن چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام دليري سان ڀارتي بربريت ۽ ظلمن جو مقابلو ڪري رهيو آهي. نفيس ذڪريا چيو ته ڀارت ۾ انتهاپسند پنهنجي خلاف اٿندڙ آواز کي خاموش ڪرائي رهيا آهن، ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي هڪ 12 صفحن تي ٻڌل رپورٽ به پيش ڪئي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪيترن ئي صحافين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. هن پرڏيهي وزير خواجا آصف جي چين، ايران ۽ ترڪي واري دوري کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو ته انهن ملڪن تسليم ڪيو آهي ته الزام تراشي سان افغانستان ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ته انهن دورن ۾ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳالهيون ٿيون، سمورن ملڪن سان ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن تي ظلم جي مذمت به ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن جا ڪيس هاڻي رڳو فائلن ۽ الماڙين ۾ بند نه رهندا: نيب چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب ۾ ميگا ڪرپشن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي