21 ہفتہ , اپریل 2018

عوامي آواز نيوز |ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ گذريل سال ٻاويهه آگسٽ تي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولت ڪاري ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ۾ گذريل سال ٻاويهه آگسٽ تي چڙ ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولت ڪاري ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه ڊاڪٽر فاورق ستار، خواجا اظهار الحسن، محفوظ يار خان سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا، رئوف صديقي عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.

عدالت روپوش جوابدارن جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا،

جوابدارن رئوف صديقي جي غير حاضري سبب جوابدارن مٿان اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عدالت  ٻڌڻي 14 سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته گذريل سال ٻاويهه آگسٽ کان اڳ مون سميت ٻين اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا، سمورا ڪيس رڳوتقرير ٻڌڻ جي بنياد تي داخل ڪيا ويا آهن.

 هن چيو ته هو پهريان به اهڙن ڪيس مان آزاد ٿيا آهن ۽ اڳتي به آزاد ٿيندا

فاروق ستار جو وڌيڪ چوڻ هو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي شهرين کي نظرانداز ڪيوويو آهي، هي مسئلو رڳو اردو ڳالهائيندڙن لاءِ نه پر ڪراچي ۾ رهندڙ سمورين قومن جو مسئلو آهي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:لاڙڪاڻو: ڪاشف شاهه جي وارثن احتجاجن تڏو نه کنيو،  انصاف جي گهر

*لاڙڪاڻي ويجهو پوليس تشدد ۾مارجي ويل نوجوان ڪاشف شاهه جي وارثن احتجاجن تڏو نه کنيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے