22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان، آمريڪا ۽ افغانستان ۾ داعش جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق

ڪابل( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، آمريڪا ۽ افغانستان خطي مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ ٽه ڌريون ڳالهين ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان، آمريڪا ۽ ڪابل جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڳالهين ۾ پاڪستان جي 6 رڪني وفد شرڪت ڪئي جنهن جي قيادت ڊي جي ايم او ميجر جنرل ساحر شمشاد ڪئي. ان موقعي تي گڏيل مفادن ۽ خدشن سميت سڪيورٽي معاملن ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٽنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته دهشتگردي ۽ داعش جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون.  ڳالهين ذريعي داعش جي خاتمي لاءِ پاڪ افغان فوجي سهڪار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويو ۽ اتفاق ڪيو ويو ته داعش جو خاتمو وڌيڪ سهڪار سان ئي ممڪن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ سان محبت ڪيو، مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا: چيف جسٽس

چترال (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے