20 خميس , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز رپورٽ|برڪس پڌرنامو ۽ پاڪستان لاءِ ڏکين ڏينهن جي شروعات بابت

برڪس پڌرنامو ۽ پاڪستان لاءِ ڏکين ڏينهن جي شروعات بابت

ڇا برڪس پڌرنامي ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ دهشتگرد جماعتن جا نالا اچڻ سان چين-پاڪستان تعلقات ۾ ڪڙاڻ اچي ويندي؟  اهو خدشو چين جي دانشور هو شيشينگ  چيني حڪومت تي علامتي تنقيدي اشاره ڏيندي ڪيو آهي-

چين جي رياستي  عالمي تعلقات جي اداري سان تعلق رکندڙ ٿنڪ ٽينڪ ماهر هو شيشينگ جو چوڻ هو ته چين جي ڊپلوميٽس کي ايندڙ مهيني ۾ پاڪستان آڏو وڏيون صفايون پيش ڪرڻيون پونديون-اسان ڪهڙي ريت اڳتي وڌنداسين اهو اسان لاءِ هڪ اهم سوال آهي؟

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ، اهو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته برڪس پڌرنامي ۾ حقاني نيٽورڪ جو نالو ڪيئن آيو آهي ؟ جيڪي افغانستان ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ افغانستان ۾  موجود نيٽو فورسز خلاف ڪاروائيون ڪري رهيو آهي- ڇو  ته حقيقت  ۾ حقاني نيٽورڪ جو سربراه ئي افعان طالبان جو اصل سربراه آهي-انهي سان چين جي افغانستان اندر سياسي مفاهمتي عمل  ۾ ادا ڪئ ويندڙ ڪردار ۾ وڏيون ڏکيائيون سامهون اچڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن يا کڻي ائين چئجي ته انهيءَ سان افغانستان ۾ چين جي ڪردار جو خاتمو ٿي ويندو-

 هو شيشينگ جي اها علامتي تنقيد   چيني ميزباني هيٺ چين جي اقتصادي شهر زيامين اندر ٿيندڙ برڪس سمئٽ کان پوءِ  برازيل، روس،انڊيا، چين، سائوٿ ڪوريا جي سربراهن پاران جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ علائقائي بنيادن تي تشدد ڦيلائڻ ۾ لشڪر طيبه، جيش محمد، طالبان ۽ حقاني نيٽورڪ نالي دهشتگرد جماعتن جا نالا اچڻ بعد رياستي ميڊيا تي ڳالهائيندي سامهون آئي هئي-هو شيشينگ جو چوڻ هو ته چين جو انهي معاملي تي تبديل ٿيندڙ موقف سندس سمجهه کان ٻاهر آهي-

مٿين تناظر ۾ چين کي جيش محمد جي سربراه مولانا مسعود اظهر خلاف گڏيل قومن اندر ايندڙ قرارداد جي مخالفت کي سامهون رکڻ گهرجي ها!. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته برڪس پڌرنامو پاڪستان مٿان تباه ڪن دٻاءَ ۾ واڌاري جو سبب بڻبو خاص طور انهن حالتن ۾ جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ پاران اسلام آباد تي دهشتگردي جي پٺڀرائي جا الزام سامهون اچي چڪا آهن-

هو  شيشينگ جو چوڻ هو ته اها ڳالهه پاڪستان کي چڙ ڏياريندڙ ثابت ٿيندي، ۽ کيس ڄاڻ نه آهي ته برڪس پڌرنامي جي حوالي سان پاڪستان کي اڳواٽ اعتماد ۾ ورتو ويو هو الائجي نه؟ ۽ اهو ته مون کي لشڪر طيبه ۽ جيش محمد جي  دهشتگرد جماعتن جي نالي اچڻ تي اعتراض نه آهي پر هتي انهن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڀيانڪ جماعتون جهڙوڪ لشڪر جهنگوي ال عالمي موجود آهن جيڪي  بلوچستان  اندر ٿيندڙ ٻن چيني نوجوانن جي قتل ۾ پڻ ملوث آهن-

چين کي مٿين بين ڪيل جماعتن سان گڏ اوڀر-ترڪمانستان اسلامڪ موومينٽ جا نالا پڻ برڪس پڌرنامي منجهه شامل ڪرائڻ گهرجن ها جيڪي چين جي سينڪ يانگ ريجن ۾ متحرڪ آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته سندن پاڪستان ۾ پڻ ٺڪاڻا موجود آهن-

آهو چين لاءِ انتهائي مهانگو سودو ثابت ٿيندو——پاڪستان انهي سان وڏي حد تائين ناراض ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ کي ڀارت جي جزوي فتح سان پڻ تعبير ڪري سگهجي ٿو، جنهن اتي پهچڻ لاءِ وڏو پورهيو ڪيو آهي-

جڌهن ته چيني بيسڊ ڏکڻ  ۽ وچ ايشيائي مطالعاتي اداري جيڪو شنگهائي ميونسيپل سينٽر فار انٽرنيشنل اسٽيڊيز جي سربراه ۽ معروف چيني دانشور وانگ ڊي هواءَ جو برڪس پڌرنامي بابت چوڻ هو ته اهو دنياجي عوام لاءِ هڪ اعلي مثال بڻجندو-

برڪس پڌرنامي اندر ڪاميابي سان دهشتگردي جي سمورين قسمن کي رد ڪيو ويو آهي، خاص طور اوليتي بنيادن تي طالبان، اسلامڪ اسٽيٽ، ال قائده ۽ سندس ساٿارين پاران ٿيندڙ دهشتگردي جي نشاندهي ڪندي ڪاروائيون ڪرڻ لاءِ پيشقدمي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي-

ججيش محمد جي سربراه  مسعود اظهر بابت چين جي اڳ ۾ اختيار ڪيل موقف بابت صحافين جي سوال جي جواب ۾  وانگ ڊي هواءَ جو چوڻ هو ته سندس خيال ۾ ڀارت طرفان وڌيڪ ٺوس ثبوت ۽ حقيقتون پيش ڪرڻ بعد ٿي سگهي ٿو ته چين پنهنجو پراڻو موقف مٽائي ڇڏيو هجي-

وانگ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سمورن برڪس رڪن ملڪن  جو هاڻ دهشتگردي جو گڌجي مقابلو ڪرڻ وارو انتهائي جاندار فيصلو دنيا جي امن ۽ سلامتي لاءِ انتهائي وقتائتو توڙي ڪارائتو فيصلو ثابت ٿيندو-

 چين جي اقتصادي زون زيامين ۾ ٿيندڙ برڪس سمئٽ جي پڌرنامي کان پوءِ  اوچتو تبديل ٿي ويندڙ علائقائي صورتحال ۾ پاڪستان –ڀارت-برما-نيپال-ڀوٽان سميت علائقي جي ٻين  ملڪن تي ڪهڙا اثر مرتب ٿين ٿا ؟ انهيءَ سوال جو جواب ته ايندڙ وقت ئي ڏئي سگهندو؟—–؟

رپورٽ : ڪاشف عمران سهتو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے