24 سومر , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز نيوز| حيدرآباد:سماج سڌارڪ دادي ليلا ديهانت ڪري وئي اگني سنسڪار بدين اسٽاف ويجهو شمشان گهاٽ ۾ ڪيو ويو

حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي پهرين پارليامينٽرين، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ دادي ليلا 101 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي.

دادي ليلان جو اگني سنسڪار اڄ صبح 12 وڳي بدين اسٽاف ويجهو شمشان گهاٽ ۾ ڪيو ويندو.

سماجي خدمتگار ۽ تعليمدان دادي ليلان 1916ع ۾ هيرآباد ۾ جنم ورتو.

دادي ليلان ميوزڪ ٽيچر رهي،هن نياڻين جي تعليم جي حوالي سانِ وڏو ڪم ڪيو، ليلاوتي 1954ع ۾ تلسي داس هرچنداڻي سان شادي ڪئي،

دادي ليلان 1974ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ٿي، هو 1975ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ٿي گرلس گائيڊ اداري جي ڊپٽي ڪمشنر رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے