12 اڱارو , ڊسمبر 2017

نيب ريفرنس: احتساب عدالت اسحاق ڊار کي 20 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي نيب ريفرنس تي 20 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. نيب اسحاق ڊار خلاف اثاثن واري ريفرنس اسلام آباد جي احتساب عدالت جي رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرايو ويو هو جنهن تي رجسٽرار اعتراض واري واپس ڪري ڇڏيو هو ۽ ضروري دستاويز به لڳائڻ جو حڪم ڏنو هو. نيب اڄ ريفرنس مڪمل ۽ اضافي دستاويزن سان گڏ رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرايو جنهن جي اسڪروٽني کان پوءِ رجسٽرار آفيس ريفرنس عدالت ۾ جمع ڪرايو. خانگي ٽي وي چينل موجب اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي 20 سيپٽمبر تي طلب ڪيو جنهن لاءِ ان کي نوٽس به جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيس اسحاق ڊار جي گلبرگ لاهور جي پتي تي جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ان کي صبح 9 وڳي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے