24 ہفتہ , فروری 2018

نواز شريف جي نااهلي ڪنهن به ضابطي ۽ قانون ۾ نٿي بڻجي: بيرسٽر ظفر الله

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ بيرسٽر ظفر الله جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي نااهلي ڪنهن ضابطي ۽ قانون ۾ نٿي بڻجي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر ظفر الله چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين فيصلو ٻڌائيندڙ ججن کي نگران ناهي بڻايو ويو، عدالت جون سموريون ڳالهيون اکين تي آهن،  پر بنيادي تقاضا آهي ته انصاف ٿيندي نظر اچي. ان موقعي تي انوشا رحمان چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ نامڪمل آهي ۽ هڪ نامڪمل رپورٽ ري ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. هن چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ان ڪيس ۾ اسان کي انصاف ناهي مليو، اهو تاثر نه وڃڻ گهرجي ته عدالت ئي ان ڪيس ۾ مدعي بڻجي وئي آهي، اميد آهي ته اعليٰ عدالت قانون ۽ آئين جي ڪري ڪيس جو فيصلو ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سماجي ورڪر پروين رحمان قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ ۽ سماجي ڪارڪن پروين رحمان جي قتل جي جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے