22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

لنڊن فليٽ ريفرنس، نواز شريف ۽ سندس ٻارن کي نوٽيس جاري، 19 سيپٽمبر تي طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت لنڊن فليٽن ۽ عزيزيه اسٽيل مل ريفرنس ۾ شريف ڪٽنب کي 19 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت ۾ لنڊن فليٽن ۽ عزيزيه اسٽيل مل ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي نيب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي، نيب جي وڪيل ٻڌايو ته شريف ڪٽنب لنڊن فليٽن ۽ عزيزيه اسٽيل ملز جا ذريعا آمدني ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيا، جنهن تي عدالت نواز شريف، حسن، حسين مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر کي سمن جاري ڪري ڇڏيا ۽ 19 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته الزامن جي وضاحت لاءِ جوابدارن جي حاضري ضروري آهي ان ڪري سمورا جوابدار 19 سيپٽمبر تائين حاضري يقيني بڻائن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے